ميھڙ ۾ مير عابد سندراڻي خلاف اغوا جو ڪيس داخل: ”فريادي لکي ڏنو تہ غلط فھمي جي بنياد تي ايف آءِ آر ڪرائي“: ايس ايس پي دادو

فہرستِ مضامین

دادو پوليس پيپلزپارٽي ايم پي اي مير عابد سندراڻي خلاف ايف آءِ آر ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آھي.

ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي جو چوڻ آھي تہ مير عابد سندراڻي خلاف غلط فھمي جي بنياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ھئي.

ايس ايس پي دادو جو چوڻ آھي تہ فريادين لکي ڏنو آھي تہ انھن غلط فھمي جي بنياد تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ھئي، فريادي جي لکي ڏيڻ بعد ھاڻي ايف آءِ آر ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.

ياد رھي تہ پيپلز پارٽي ايم پي اي عابد سندراڻي ۽ ٻين خلاف ميھڙ ٿاڻي تي عورت جي فرياد ڪيس داخل ڪيو ويو .

فريادي عورت الزام لڳايو تہ جاگيراڻي برادري جي ھٿياربندن زيادتي جي ارادي سان نياڻين کي اغوا ڪيو.

عورت الزام لڳايو تہ مير عابد سندراڻي وٽ دڙي سندراڻي وياسين تہ ان 30 کان 40 لک رپيا ڀنگ گھري

عورت موقف اختيار ڪيو تہ مير عابد سندراڻي نياڻين کي اغوا ڪندڙن ھٿياربندن کي پنھنجي ٻني تي پناھ ڏني آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں