ٻانڌي ( رپورٽ: حليم جمالي) نوابشاھ ۾ پيپلز پارٽي جي ايم اين اي رفيق جمالي جي سرپئنچي ۾ صحافي رضا محمد جمالي جي خون جو جرڳو ٿيو آھي، الزام ھيٺ آيل ڌر تي مجموعي طور 2 ڪروڙ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آھي.
زرداري ھائوس نوابشاھ ۾ ٿيل جرڳي ۾ ٻنھي ڌرين جي ماڻھن جا بيان ٻڌڻ بعد فتويٰ ٻڌائي وئي.
جرڳي دوران صحافي رضا محمد جمالي جو خون ثابت ٿيڻ تي صديق جمالي ڌر کي ڏوھي قرار ڏئي 2 ڪروڙ ڏنڊ وڌو ويو.
شاھد رضا جمالي ۽ بشير جمالي جي قتل الزام ھيٺ آيل مراد جمالي کي صفائي ڏيڻ بعد آجو قرار ڏنو ويو، جڏھن تہ الزام ھيٺ آيل ڪورائي ڌر کي اِن بابت صفائي ڏيڻي آھي، فيصلو ڏيڻو آھي.
ياد رھي تہ 24 جون 2024 تي موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن دوڪان تي فائرنگ ڪري شاھد رضا جمالي ۽ بشير جمالي کي قتل ڪيو ھو، واقعي جو مقتولن جي چاچي شريف جمالي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو جنھن ۾ غلام نبي ڪورائي ، طارق ڪورائي ، قادر ڪورائي ۽ مراد جمالي کي نامزد ڪيو ويو ھو.
ٻانڌي پوليس قادر ڪورائي کي گرفتار ڪري عدالت ۾ آندو، جتان کيس جيل موڪليو ويو ۽ بعد ۾ ھو پيرول تي آزاد ٿي ويو ھو
ڊبليو ٽي اين جي رپورٽر موجب 12 ڊسمبر تي صحافي رضا محمد جمالي پنھنجي گھر ۾ اُن وقت قتل ٿيو جڏھن مٿس ھٿياربندن فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب سيڪيورٽي تي مقرر اھلڪار جيئند جمالي ۽ ڀاءُ شريف جمالي پڻ زخمي ٿيا ھئا.
صحافي رضا محمد جمالي جي قتل جو ڪيس سندس ڀائٽي سھيل جمالي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو ھو جنھن ۾ صديق جمالي ، ايوب ، سجاد ۽ غفار جمالي کي نامزد ڪيو ويو ھو، ھن ڪيس ۾ پوليس صديق ، غفار ۽ ايوب جمالي کي گرفتار ڪيو ھو.