سامونڊي طوفان شڪتي ڪراچي کان 700 ڪلوميٽر پري موجود، اڄ بہ برسات جو امڪان

فہرستِ مضامین

عربي سمنڊ ۾ ٺھيل سامونڊي طوفان شڪتي جو زور وڌي ويو، اڄ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات جو امڪان آھي.

موسميات کاتي موجب شڪتي طوفان ھن وقت عربي سمنڊ ۾ اتر اولھ طرف ڪراچي کان 700 ڪلوميٽر پري آھي .

موسميات کاتي موجب شڪتي طوفان جو زور وڌي ويو آھي پر ان مان سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي علائقن ۾ کي خطرو نہ آھي، سڀاڻي کان طوفان جو زور گھٽجڻ شروع ٿي ويندو.

موسميات  کاتي اڄ ڪراچي ۾ موسم گرم ۽ جھڙالي رھڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آھي تہ ڪجھ علائقن ۾ ڪڻ ڪڻ يا ھلڪي برسات پئجي سگھي ٿي.

موسميات کاتي موجب اڄ بہ  ڪراچي، ٺٽي، سجاول ۽ ڄامشوري ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪڪر وسي سگھن ٿا.

موسميات کاتي جو چوڻ آھي تہ مھاڻا  7  آڪٽوبر تائين اوني ۾ سمنڊ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں