سنڌ ايمپلائيز الائنس جي صدر اشرف خاصخيلي چيو آھي تہ ڌرڻو ملتوي ڪيو آھي ختم ناھي ٿيو، چون ٿا وڪامي ويو آھيان، مون کي خريد ڪرڻ وارو پٽ اڃا ڄائو ئي ناھي.
جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ اشرف خاصخيلي چيو تہ تنقيد اھي ڪري رھيا آھن، جيڪي تحريڪ ۾ شامل ئي نہ ھئا، سنڌ جا 6 لک ملازم مون سان گڏ آھن، فتح اسان جي ئي ٿيندي.
سندس چوڻ ھو تہ سمورا فيصلا گڏيل صلاح مشوري سان ٿي رھيا آھن، سنڌ حڪومت اسان کي گھرائي ڳالھيون ڪيون، اھا ملازمن جي ڪاميابي آھي.
ھن چيو تہ مسئلا ھميشہ ڳالھين ذريعي ئي حل ٿيندا آھن، ھنن ڌرڻو ملتوي ڪيو آھي، ختم ناھي ڪيو، جيڪڏھن مسئلا حل نہ ٿيا تہ ڌرڻو ھنيو ويندو.
اشرف خاصخيلي جو چوڻ ھو تہ ڪجھ ماڻھو ڳالھيون ڪري رھيا آھن تہ مان وڪامجي ويو آھيان، اھڙو ڪو پٽ اڃا ڄائو ئي ناھي، جيڪو مون کي خريد ڪري سگھي.