عربي سمنڊ ۾ موجود طوفان شڪتي شدت اختيار ڪرڻ لڳو

فہرستِ مضامین

عربي سمنڊ ۾ موجود سامونڊي طوفان شڪتي شدت اختيار ڪري رھيو آھي، موسميات کاتي جو چوڻ آھي تہ سامونڊي طوفان سان سنڌ جي ساحلي علائقن کي ڪو بہ خطرو نہ آھي.

سنڌ جي ساحلي حدن کان 400 ڪلوميٽر پري ھوا جي گھٽ دٻاءُ سبب طوفان پيدا ٿيو، جنھن جو نالو سريلنڪا پاران شڪتي رکيو آھي.

موسميات کاتي موجب شڪتي طوفان ھن وقت ڪراچي کان 360 ڪلوميٽر پري موجود آھي، جيڪو  24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگھي ٿو. موسميات کاتي موجب شڪتي طوفان 6 آڪٽوبر تائين عربي سمنڊ ۾ رھي سگھي ٿو، طوفان جي اثرن سبب ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين شھرن ۾ برسات پوڻ جا امڪان آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں