شڪارپور ۾ تيز رفتار مزدا جھوپڙين مٿان چڙھي وئي، ھڪ ئي گھر جا 8 ڀاتي فوت، 6 زخمي

فہرستِ مضامین

شڪارپور ۾ ھڪ تيز رفتار مزدا ٿنڀي سان ٽڪرائڻ بعد جھوپڙين ۾ ستل ماڻھن جي مٿان چڙھي وئي، خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ھڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڀاتي فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب حادثو رات دير سان ڪندن باءِ پاس وٽ پيش آيو، تيز رفتار مزدا ٿنڀي سان ٽڪرائڻ بعد روڊ جي ڪناري قائم باگڙي برادري جي جھوپڙين مٿان چڙھي وئي.

حادثي ۾5 عورتن ۽ 2 ٻارڙين سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين ۾ گيبي، رابعا، ريما، سعديہ، امان اللھ، راشدہ ۽ ٻيا شامل آھن.

حادثي بعد ريسڪيو عملي، پوليس ۽ علائقي واسين لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪيا،  پوليس جو چوڻ آھي تہ حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

وڏي وزير مراد علي شاھ شڪارپور روڊ حادثي ۾ 8 انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظھار ڪندي زخمين کي بھترين طبي سھولتون ڏيڻ جو حڪم ڏنو آھي.

وڏي وزير مراد علي شاھ ڪمشنر سکر کي متاثرن جي مدد ۽ ھر قسم جي سھڪار جون ھدايتون بہ ڏنيون.

ھڪ ئي ڪٽنب جا 8 ڀاتي فوت ٿيڻ تي جھوپڙين ۾ رھندڙ باگڙي برادري جي ماڻھن ۾ ڪھرام متل آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں