عربي سمنڊ ۾ نئون سامونڊي طوفان ٺھڻ لڳو، موسميات کاتي طوفان جو نالو شڪتي رکي ڇڏيو آھي، طوفان سبب سامونڊي ويرن ۾ چاڙھ ايندي ۽ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آھي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي کان 400 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف عربي سمنڊ ۾ ڊيپ ڊپريشن 12 ڪلاڪن ۾ طوفان ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان آھي.
طوفان سبب ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شھرن ۾ برسات پوندي ۽ جڏھن تہ سامونڊي لھرن ۾ چاڙھ ايندي.
موسميات کاتي موجب طوفان جو نالو شڪتي رکيو ويو آھي، اھو نالو سريلنڪا تجويز ڪيو آھي، جنھن جو مطلب طاقت آھي. موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان عربي سمنڊ ۾ 5 يا 6 آڪٽوبر تائين رھي سگھي ٿو.