سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن جو نائين ڏينھن بہ احتجاج، ” ڪراچي ۾ نئين تاريخ لکڻ جون ڳالھيون“.

فہرستِ مضامین

سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي اڄ نائين ڏينھن بہ سرڪاري ملازمن پاران آفيسن ۽ اسڪولن جي تالابندي ڪئي وئي آھي.

لاڙڪاڻو، خيرپور، جوھي، راڄو خاناڻي، ڊکڻ، فيض گنج، ڪنڌڪوٽ، ڪنب، شھدادڪوٽ، ميرپور ماٿيلو ۾ احتجاجي مظاھرا ڪري سرڪاري آفيسن ۽ اسڪولن جي تالابندي ڪئي وئي آھي .

احتجاج ۾ تعليم، روينيو، صحت، اسڪارپ، ميونسپل گورنمينٽ، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي جي ملازمن سميت مختلف کاتن جي ملازمن آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاجي مظاھرا ڪيا.

ملازمن جو اهو به چوڻ هو ته جيستائين سنڌ حڪومت سندن جائز مطالبا نه مڃيندي، تيستائين احتجاج جاري رهندو. هنن وڌيڪ چيو ته  جيڪڏهن مطالبا  تسليم نه ڪيا ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

حيدرآباد جي ليڊي ٽيچر ڪالھ چيو ھو تہ ڪابينا ۾ ويٺل ھر وزير اھم منصب تي تڏھن ويھڻ لائق ٿيو جڏھن کيس ڪنھن استاد تعليم ڏني، اسان حڪومت کان ڇا ٿيون چاھيون؟ پيپلز پارٽي جي حڪومت ھلندي رھي، پر اسان کي اھو ٻڌايو تہ ڇا رٽائرمينٽ کانپوءِ اسان پنڻ تي مجبور ٿيون؟

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں