آمريڪي صدر واضح طور چيو تہ پاڪستان جو وزير اعظم شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل غزہ ۾ جنگبندي واري منصوبي جي شروع کان سئو سيڪڙو حمايت ڪئي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته پاڪستان جو وزيراعظم ۽ فِيلڊ مارشل غزہ ۾ جنگبندي جي مسودي واري منصوبي جي شروعات کان گڏ رهيا آهن۔
واشنگٽن ڊي سي ۾ اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو سان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران آمريڪي صدر غزہ ۾ جنگبندي ۽ وچ اوڀر ۾ ڊگهي مُدي واري امن لاءِ تجويز ڪيل منصوبو پيش ڪيو۔
هن چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم ۽ فِيلڊ مارشل سئو سيڪڙو هن منصوبي جي حمايت ڪئي آهي۔
صدر ٽرمپ سڀني عرب ۽ اسلامي ملڪن جي حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان جو نالو به کنيو۔
هن چيو تہ پاڪستان جو وزيراعظم ۽ فِيلڊ مارشل هن منصوبي جي شروعات کان ئي اسان سان گڏ آهن۔ حقيقت ۾ هنن هڪ بيان پڻ جاري ڪيو آهي جنهن ۾ هن معاهدي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي۔
وائٽ هائوس ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ٽرمپ چيو ته اڄ هڪ وڏو ڏينهن آهي۔
هن پريس ڪانفرنس کان اڳ، پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف غزہ ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ صدر ٽرمپ جي 20 نڪاتي منصوبي جي آجيان ڪئي هئي۔
سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو هو ته “مون کي به يقين آهي ته خطي ۾ سياسي استحڪام ۽ معاشي ترقي آڻڻ لاءِ فلسطيني عوام ۽ اسرائيل جي وچ ۾ پائيدار امن اڻٽر هوندو۔
هن پنهنجي ڊگهي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته اهو به منهنجو يقين آهي ته صدر ٽرمپ هن انتهائي اهم ۽ فوري مفاهمت کي حقيقت بڻائڻ لاءِ هر ممڪن مدد لاءِ مڪمل تيار آهي۔ مان صدر ٽرمپ جي قيادت ۽ هن جنگ جي خاتمي لاءِ خاص ایلچي اسٽيـو وِٽڪوف جي اهم ڪردار کي ساراهيان ٿو۔