ڪراچي ( ڊبليو ٽي اين رپورٽ ) ڪراچي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل سينيئر صحافي ۽ اينڪر امتياز مير لاڏاڻو ڪري ويو، وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سندس لاڏاڻي تي افسوس جو اظھار ڪندي چيو آھي تہ امتياز مير تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو، حڪومت ھن ڪيس کي انجام تائين پھچائيندي.
امتياز مير تي قاتلاڻو حملو 22 سيپٽمبر تي ڪيو ويو ھو، جڏھن ھو آفيس کان پنھنجي گھر ملير قائد آباد طرف وڃي رھيو ھو، سعود آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڪالابورڊ واري علائقي ۾ ھٿياربندن امتياز مير تي حملو ڪيو ھو، جنھن ۾ ھو سخت زخمي ٿي پيو ھو.
پوليس جو چوڻ ھو تہ موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن امتياز مير تي فائرنگ ڪئي، واقعي واري وقت گاڏي صحافي جو ڀاءُ محمد صالح ھلائي رھيو ھو، امتياز مير کي 3 گوليون لڳيون ھيون، جڏھن تہ سندس ڀاءُ کي ھڪ گولي لڳي ھئي، جنھن بعد امتياز مير کي ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو ھو.
امتياز مير جو آپريشن
امتياز مير کي شروعاتي طور تي وينٽي ليٽر تي رکيو ويو ھو، جنھن بعد سندس حالت بھتر ٿي ھئي، جنھن بعد کيس وينٽي ليٽر تان ھٽايو ويو ھو، ھڪ ھفتي دوران امتياز مير سندس علاج لاءِ ايندڙ ماڻھن سان ملاقات پڻ ڪندو رھيو.
وارثن موجب گذريل ڏينھن امتياز مير جو ھڪ آپريشن ٿيو ھو، جنھن بعد سندس حالت خراب ٿي وئي ھئي ۽ ڊاڪٽرن ٻيھر کيس وينٽي ليٽر تي رکيو ھو، جنھن بعد ڊاڪٽرن آچر ڏھاڙي سندس موت جي تصديق ڪئي.
امتياز مير جو اسرائيلي دورو
امتياز مير گذريل ھڪ ڏھاڪي کان صحافت جي شعبي سان سلھاڙيل ھو، ھو سنڌي چينل آواز ٽي وي ۽ اردو چينل ميٽرو ون تي پروگرام ڪندو رھيو ھو، امتياز مير ان صحافين مان ھو، جن اسرائيل جو دورو ڪيو ھو، ان سلسلي ۾ ڊي آءِ جي فرخ رضا جو چوڻ ھو تہ ان حملي جو امتياز مير جي اسرائيلي جي دوري سان تعلق ناھي.
امتياز مير تي قاتلاڻي حملي جو ڪيس ڀنگر برداري جي چڱي مڙس ۽ سندس پٽن خلاف داخل ڪيو ويو ھو ۽ دعويٰ ڪئي وئي ھئي تہ جيڪب آباد جي تعلقي ٺل ۾ امتياز مير جي زمين جو تڪرار ھلندڙ آھي، جنھن سبب مٿس فائرنگ ڪئي وئي.
ھڪ گروپ ذميواري قبولي ورتي
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ( ايڪس) تي ھڪ مبينا گروپ امتياز مير تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي ھئي پر پوليس ان کي ناقابل اعتبار قرار ڏنو ھو، حملي جي ذميواري قبول ڪندڙ مبينا گروپ امتياز مير جي وڊيو بہ شيئر ڪئي ھئي، جنھن ۾ ھو اسرائيلي بابت ڳالھ ٻولھ ڪري رھيو ھو.
حڪومت ڪيس کي منطقي انجام تي پھچائيندي: وڏو وزير
وڏي وزير مراد علي شاھ ۽ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ امتياز مير تي حملي جي مذمت ڪئي آھي، وڏي وزير مراد علي شاھ آءِ جي پوليس کي ھدايت ڪئي آھي تہ امتياز مير جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.
وڏي وزير مراد علي شاھ جو چوڻ ھو تہ امتياز مير جي قاتلن کي انصاف جي ڪھٽڙي ۾ آندو ويندو، حڪومت ھن ڪيس کي انجام تائين پھچائيندي.
ڪراچي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل سينيئر صحافي ۽ اينڪر امتياز مير لاڏاڻو ڪري ويو، امتياز مير تي 22 سيپٽمبر تي ڪالابورڊ واري علائقي ۾ فائرنگ ڪئي ھئي ھئي،آپريشن کانپوءِ امتياز مير کي وينٽي ليٽر تي منتقل ڪيو ويو ھو.