ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس جي نالي تي شھرين سان فراڊ ڪرڻ جو انڪشاف

فہرستِ مضامین

ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس جي نالي تي شھرين سان فراڊ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.

ٽريفڪ پوليس پاران جاري ڪيل ترديدي بيان ۾ چيو ويو آھي تہ ڪجھ ماڻھو شھرين کي ايس  ايم ايس ڪري رھيا آھن تہ چالان جي رقم ايزي پيسا ذريعي ڀريو.

ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آھي تہ اھڙي قسم جا ميسيج ڪوڙا، جعلي ۽ فراڊ تي ٻڌل آھن.

جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو تہ ٽريفڪ پوليس ڪو بہ چالان ايزي پيسا ذريعي وصول ناھي ڪندي.

ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آھي تہ شھري اھڙي قسم جي ماڻھن کان ھوشيار رھن…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں