آسٽريلوي ھاءِ ڪمشنر کي حيدرآباد جي ڪھڙي سوغات پسند آئي؟

فہرستِ مضامین

آسٽريلوي ھاءِ ڪمشنر سنڌ جي ٻئي وڏي شھر حيدرآباد جي دوري تي ويو تہ کيس انيڪ شيون وڻيون پر کيس ھڪ اھڙي سوغات سندس دل کي ڇُھي وئي جنھن جو ذڪر ھو سوشل ميڊيا تي ڪرڻ کان رھي نہ سگھيو.

آسٽريلوي ھاءِ ڪمشنر  نيل ھانڪنز حيدرآباد جي بمبئي بيڪري پھتو، جتي کيس رٻڙي پسند آئي، جنھن جو ھو تعريف ڪرڻ کان رھي نہ سگھيو

آسٽريلوي ھاءِ ڪميشن طرفان جاري ڪيل پوسٽ ۾ نيل ھانڪنز بمبئي بيڪري ۾ بيٺل نظر اچي ٿو.

پوسٽ ۾ لکيو ويو تہ مشھور بمبئي بيڪري کي ڏسڻ کانسواءِ حيدرآباد کان ٻاھر نہ نڪري سگھيس.

آسٽريلوي ھاءِ ڪمشنر چيوتہ ھن بيڪري جا ڪيڪ ۽ رٻڙي ھر پيڙھي جا ماڻھو پسند ڪري رھيا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں