سنڌ ۾ سرڪاري ملازمن جي احتجاج جي حڪمت عملي تبديل

فہرستِ مضامین

سنڌ جي سرڪاري ملازمن احتجاجي تحريڪ جو شيڊول تبديل ڪندي 6 آڪٽوبر واري ڌرڻي تائين سڄي سنڌ ۾ احتجاج ۽ آفيسن جي تالابندي جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.

سنڌ امپلائيز الائنس جي سربراھ اشرف خاصخيلي پنھنجي وڊيو بيان ۾ چيو آھي تہ تحريڪ جي شيڊول موجب اڄ سنڌ ۾ مظاھرن ۽ تالابندي جو آخري ڏينھن ھو ۽ 6 آڪٽوبر تي بلاول ھائوس آڏو ڌرڻو ھڻڻو ھو، پر سنڌ سرڪار پاران ڪو بہ رابطو نہ ڪرڻ سبب ھاڻي 6 آڪٽوبر تائين سڄي سنڌ ۾ تالابندي جاري رکي ويندي.

اشرف خاصخيلي چيو تہ 6 آڪٽوبر تي سنڌ جا لکين ملازم بلاول ھائوس آڏو ڌرڻو ھڻندا ۽ مطالبن جي مڃتا تائين اھو ڌرڻو جاري رھندو

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شھيد بينظير آباد جي ننڍن وڏن شھرن ۾ ملازمن جو احتجاج جاري رھيا.

پينشن ۾ ڪٽوتي خلاف ۽ ٻين مطالبن لاءِ مختلف شھرن ۾ ريليون ڪڍيون ويون، خيرپور، ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي، ڄامشورو، نوشھرو فيروز، دوڙ، گمبٽ، جوھي، ۽ ڪنڊيارو ۾ مظاھرا ڪيا ويا

راڄو خاناڻي، سڪرنڊ، سيٺارجا، شھدادڪوٽ، نصيرآباد، تلھار، ٽنڊو آدم ۽ اوٻاوڙو ۾ بہ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں