سنڌ ڪابينا ۾ اٿل پٿل جو سلسلو جاري آھي، ھڪ صوبائي وزير ۽ وڏي وزير جي ٻن خاص معاونن کي ڪابينا مان فارغ ڪيو ويو آھي، شاھد عبدالسلام ٿھيم کي وزارت تان ھٽايو ويو آھي.
صوبائي وزير شاھد عبدالسلام ٿھيم کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن بہ جاري ڪيو ويو.
اقليتن بابت وڏي وزير جي خاص معاون لال چند اڪراڻي کي بہ ھٽايو ويو آھي ۽ کيس ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي.
وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم بابت خاص معاون وقار مھدي کي بہ عھدي تان ھٽايو ويو آھي ۽ کيس ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آھي.
گذريل ڏينھن سنڌ ڪابينا ۾ وڏي ڦير ڦار ڪندي ھڪ وزير ۽ 4 خاص معاونن ۽ صلاحڪار کي شامل ڪيو ويو ھو، جڏھن تہ وزيرن جي کاتن ۾ بہ ڦير ڦار ڪئي وئي ھئي. گذريل ڏينھن اسماعيل راھو کي وزير طور شامل ڪري کيس يونيورسٽيز اينڊ بورڊز کاتي جو قلمدان ڏنو ويو ھو.