فيصل جمن ڪنڀر
اسلام آباد:
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران پاڪستاني وفد ۾ بچاء واري وزير خواجه آصف جي پويان ويٺل عورت بابت سوشل ميڊيا تي نئون بحث ڇڙي پيو آهي، جنهن تي پرڏيهي وزارت به باضابطه وضاحت جاري ڪئي آهي۔
پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ واضح ڪيو ته اها عورت پاڪستاني وفد جي باضابطه فهرست ۾ شامل نه هئي ۽ نه ئي سندس نالو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي طرفان صحيح ٿيل سرڪاري “ليٽر آف ڪريڊنس” ۾ موجود هو۔ وزارت مطابق، اجلاس ۾ سندس ويهڻ لاءِ ڪابه منظوري نه ڏني وئي هئي۔
شمع جوڻيجو آھي ڪير؟

سوشل ميڊيا تي سوال اٿاريو پيو وڃي ته اها عورت هئي ڪير ؟ ڄاڻايل شخصيت شمع جوڻيجو آهي، جيڪا اڳ پي ٽي وي جي سنڌي ڊرامن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي۔ شمع جوڻيجو جو تعلق سنڌ جي ضلعي دادو جي علائقي پاٽ شريف سان آهي۔
تعليمي سفر دوران سندس شادي سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائي وقت پوليس آفيسر جمشيد قاضي سان ٿي، جنهن کان پوءِ هوءَ سفارتي حلقن سان لاڳاپيل معاملن ۾ به سرگرم رهي۔
مليل ڄاڻ مطابق، شمع جوڻيجو هن وقت مسلم ليگ (ن) جي حق ۾ سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس (Twitter) تي فعال آهي ۽ پارٽي پاليسين جي کلي حمايت ڪري ٿي۔ ساڳي وقت سندس بي شمار ٽوئيٽ پي ٽي آء جي قيادت ۽ انهن جي پاليسين خلاف ڏسڻ لاءِ ملن ٿا .
بچاء واري وزير خواجه آصف پڻ وضاحت ڪندي چيو آهي ته “وزيراعظم جي مصروفيت سبب مون کي تقرير ڪرڻي پئي، جڏهن ته منهنجي پويان ويٺل عورت بابت سوالن جو اختيار پرڏيهي کاتي وٽ آهي۔”
ان سموري صورتحال بابت سوشل ميڊيا تي بحث جاري آهي ته شمع جوڻيجو جي گڏيل قومن جي اجلاس ۾ شموليت ڪهڙي بنياد تي ٿي ۽ کيس ڪهڙي حيثيت ۾ اجلاس ۾ ويهڻ جو موقعو مليو۔ ان حوالي سان جاري بحث ۾ پرڏيهي وزارت ۽ وفاقي سرڪار تي تنقيد جو سلسلو هلندڙ آهي
پرڏيھي کاتي جي شمع جوڻيجو بابت وضاحت
گڏيل قومن جي اجلاس ۾ وزير دفاع جي پويان ويٺل عورت بابت پرڏيهي کاتي طرفان باضابطه وضاحت جاري ڪئي وئي آهي۔
پرڏيهي وزارت چيو آهي ته تازو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزير دفاع خواجه آصف جي پويان ويٺل عورت کي باضابطه اجازت نامو حاصل نه هو ۽ نه ئي سندس نالو پاڪستاني وفد جي فهرست ۾ شامل هو۔
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اها شخصيت 80هين گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي (يو اين جي اي) جي لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي طرفان دستخط ٿيل سرڪاري ليٽر آف ڪريڊنس ۾ به شامل نه هئي، تنهنڪري سندس ويهڻ جي منظوري به موجود نه هئي۔
شمع گل کي وزير اعظم شھباز شريف ذميواري ڏني ھئي؟
ايڪس تي قسمت خان نالي يوٽيوبر قسمت خان پنھنجي وڊيو ۾ اِھا دعويٰ ڪئي تہ ھُن ”شمع جوڻيجو“ کان اِن بابت سوال ڪيو ھو تہ ھوءَ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪھڙي حيثيت سان شامل ھئي، جنھن تي ڊاڪٽر شمع جوڻيجو کيس ٻڌايو ھو تہ ھوءَ سرڪاري طور تي وفد جو حصو ھئي، ان موجب کيس وزير اعظم شھباز شريف اسپيچ رائٽنگ اسائين ڪئي ھئي، ڊاڪٽر شمع جوڻيجو موجب اپريل 2025 کان وزير اعظم کين تقرير لکندڙ ٽيم ۾ نامزد ڪيو ھو، اِھو سڀ آفيشل آھي.