لائیو خاران ۽ مستونگ ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 8 دهشتگرد مارجي ويا

فہرستِ مضامین

راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعن خاران ۽ مستونگ ۾ ڳجهي معلومات جي بنياد تي ڪارروايون ڪندي 8 دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي۔

 آءِ ايس پي آر موجب خاران ۽ مستونگ ۾ انٽيليجنس اطلاعن تي ٻڌل ٻه تيز رفتار ڪارروايون ڪيون ويون۔ اهي ڪارروايون ڀارتي حمايت يافته پراڪسي گروپ ”فتنه الهندستان“ خلاف جاري دهشتگردي مخالف مهم جو حصو هيون، جن دوران مجموعي طور 8 دهشتگرد ماريا ويا۔

25 جون تي انٽيليجنس اطلاعن تي سيڪيورٽي فورسز ضلعي خاران ۾ دهشتگردن جي هڪ ٽولي جي چرپر جو پتو لڳايو۔ فورسز جي بروقت، اثرائتي ۽ پيشاوراڻي ڪارروائي جي نتيجي ۾ ڀارتي پراڪسي سان لاڳاپيل 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا۔

ٻي ڪارروائي 26 جون 2026ع تي ضلعي مستونگ ۾ هڪ امڪاني خودڪش حملي آور جي موجودگي بابت اطلاع ملڻ کان پوءِ ڪئي وئي۔ انٽيليجنس بنيادن تي ڪيل هن اڳواٽ آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو۔ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ هڪ خودڪش بمبار سميت 5 دهشتگرد ماريا ويا۔

انهن ڪاررواين دوران دهشتگردن وٽان هٿيار، گولو بارود، ديهي ساخت جا بارودي اوزار (IEDs) ۽ موٽر سائيڪلون پڻ هٿ ڪيون ويون۔ علائقي ۾ وڌيڪ ڀارتي سرپرستي هيٺ سرگرم دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي۔

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا وفاقي ايپڪس ڪميٽي پاران قومي ايڪشن پلان تحت منظور ڪيل ”عزمِ استحڪام“ ويزن مطابق ملڪ مان ٻاهرين سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پنهنجي بنا امتياز دهشتگردي مخالف مهم پوري قوت سان جاري رکندا۔

وزيراعظم شھباز شريف چيو آهي ته فتنه الهندستان سان لاڳاپيل 8 دهشتگردن کي مارڻ سان بهادر سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائي ڇڏيا آهن۔

هن چيو ته فتنه الهندستان جي دهشتگردن خلاف ڪارروايون منطقي انجام تائين جاري رهنديون ۽ پاڪستان مان فتنه الهندستان سميت هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي۔

گهرو وزير محسن نقوي مستونگ ۽ خاران ۾ 8 دهشتگردن جي خاتمي تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشاوراڻي صلاحيتن کي ساراهيندي چيو ته فورسز جي بهادر جوانن بروقت ڪارروائين ذريعي بلوچستان ۾ خوارجين جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو آهي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں