گڏيل قومن پاران ايران تي معاشي ۽ فوجي پابنديون ڇنڇر جي رات کان شروع ٿينديون. اهي پابنديون 2016 ۾ ان وقت ختم ڪيون ويون هيون، جڏهن ايران ۽ عالمي طاقتن جي وچ ۾ ايٽمي پروگرام بابت معاهدو ٿيو هو.
برطانيا، فرانس ۽ جرمني گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي آگاهه ڪيو هو ته ايران معاهدي تحت شرطن جي ابتڙ ڪم ڪري رھيو آھي، جنهن کانپوءِ گڏيل قومن ايران کي معاهدي تي عملدرآمد لاءِ 30 ڏينهن جو وقت ڏنو هو.
ايران هن قدم کي غيرقانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پابنديون ٻيهر لاڳو ٿيون ته ايران، عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي (IAEA) سان سهڪار ختم ڪري ڇڏيندو.
ايران 2016 واري معاهدي کانپوءِ ايٽمي سرگرميون ان وقت ٻيهر شروع ڪيون، جڏهن آمريڪا ان معاهدي مان ڌار ٿي ويو ھو.
تازو ئي اسرائيل ۽ آمريڪا طرفان ايران جي ايٽمي اثاثن تي ٿيل حملن کانپوءِ، ايران سخت فيصلا ڪيا آھن ۽ ايٽمي اثاثن ۽ پلانٽس تائين عالمي دنيا سان واڳيل ايٽمي سائنسدانن کي رسائي ڏيڻ کان انڪار ڪيو آھي
ايران قانوني طور تي “ايٽمي ھٿيارن جو پکيڙ روڪڻ واري اين پي ٽي جو حصو آھي ۽ IAEA سان سھڪار جو پابند آهي. ان سلسلي ۾ ايران ۽ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي وچ ۾ ڳالهيون جاري هيون.
ايران تي ٻيهر لاڳو ٿيندڙ پابندين جا تفصيل:
هٿيارن جي خريداري تي پابندي
يورينيم جي افزودگي (Enrichment) تي پابندي
اهڙين سرگرمين تي پابندي جيڪي ايٽمي هٿيار کڻڻ جي سگهه رکندڙ بيلسٽڪ ميزائلن سان لاڳاپيل آهن
ايرانين جي اثاثن جي منجمد ڪرڻ ۽ شخصيتن/ادارن تي سفري پابنديون
ٻين ملڪن کي ايران ايئر ۽ ايران شپنگ لائنز جي معائني جي اجازت
گڏيل قومن پاران اهي پابنديون لاڳو ٿيڻ کانپوءِ، ايندڙ هفتي يورپي يونين پاران ختم ڪيل پابنديون به ٻيهر لاڳو ٿي وينديون.