وزيراعظم شھباز شريف چيو آھي تہ حق جي جنگ ۾ ڀارت کي اھڙو سبق سيکاريو، جو سڄي ڄمار ياد رھندو، ھاڻي ٻنھي ملڪن وچ ۾ جنگبندي ٿي چڪي آھي، اسان امن ۽ برابري جي بنياد تي ڪشمير سميت سمورن تڪرارن جو حل چاھيون ٿا.
لنڊن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ سڀني کي 10 مئي 2025 جي عظيم ڪاميابي جون واڌايون ڏيان ٿو، ڀارت خلاف جنگ جي قيادت فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير ڪئي، سموري قوم جي اتحاد سان ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏني.
ھن چيو تہ پھلگام واقعي جي شفاف جاچ لاءِ اسان عالمي ڪميٽيءَ جي قيام جو اعلان ڪيو ھو تہ جيئن سڀ ڪجھ سامھون اچي سگھي، پر ڀارت ان جو ڪو جواب نہ ڏنو ھو.
وزيراعظم جو چوڻ ھو تہ ڀارت 6 مئي تي پاڪستان تي حملو ڪيو، جنھن ۾ بيگناھ پاڪستاني شھيد ٿيا، مسجدن کي شھيد ڪيو ويو، جنھن بعد پاڪستان کي پنھنجي دفاع ۾ ڪارروائي ڪرڻي پئي.
شھباز شريف جو چوڻ ھو تہ ھڪ جھٽڪي ۾ دشمن جا 6 جھاز ڪيرائي ڇڏيا، دشمن کي ڪجھ ڪلاڪن اندر پنھنجي انجام جي خبر پئجي وئي.
وزيراعظم شھباز شريف جو وڌيڪ چوڻ ھو تہ حق جي جنگ جي آپريشن کانپوءِ ھاڻي جنگبندي ٿي چڪي آھي، اسان امن چاھيون ٿا، اسان ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي وٺرائڻ سان گڏ بيروزگاري جو خاتمو چاھيون ٿا، اسان ڀارت سان ڪشمير، پاڻي ۽ دھشتگردي جي خاتمي سميت سمورن مامرن تي برابري جي بنياد تي ڳالھيون چاھيون ٿا.