سنڌو درياهه ۾ ڪٿي چاڙھ تہ ڪٿي لاٿ جو سلسلو جاري، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آھي.
ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي وهڪري ۾ وڌيڪ واڌ کانپوءِ وچولي ٻوڏ آهي،ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جا وهڪرا وڌي3 لک 52 ھزار ڪيوسڪ ٿي ويو آهي.
فلڊ فورڪاسٽنگ ڊويزن لاهور موجب گڊو ۽ سکر بئراجن تي وهڪري ۾ گهٽتائي جاري آهي، گڊو کانپوءِ سکر بئراج تي بہ ٻوڏ گهٽجي وئي آهي.
گڊو بئراج تي موجوده وهڪرو2لک 83 ھزار ڪيوسڪ ۽ سکر ۾ 3لک 98 ھزار ڪيوسڪ آهي.
ٻئي طرف، ستلج درياءَ ۾ گنڊا سنگهه والا وٽ اڃا تائين وچولي ٻوڏ آهي، هيڊ اسلام ۽ هيڊ سليمانڪي وٽ گهٽ ٻوڏ آهي.
ڪنڊياري جو بکري ڳوٺ ٻڏي ويو
سنڌو درياھہ ۾چاڙھ ۽ زمينداري بند ٽٽڻ کان پوءِ ٻوڏ جو پاڻي ڪنڊيارو جي ڪچي جي قديم ۽ تاريخي ڳوٺ بکري ۾ داخل ٿي ويو آھي.
بکري جو مڊل ۽ پرائمري اسڪول، ڪيترائي دوڪان هوٽلون ۽ گهر توڙي فصل ۽ باغ پاڻي هيٺ اچي ويا، آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان پھتو آھي.
ٻوڏ جي پاڻي سبب بکري، پير مهدي شاھہ سميت ٻين ڳوٺن جو زميني رابطو ڪٽجي ويو، متاثر بي يارو مددگار ويٺل آھن.
ٻوڏ جو پاڻي ڳوٺ نظر سامٽيو،مصري سامٽيو، دائود سامٽيو سميت ٻين ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو آھي.