سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھہ 26-2025 ۾ ڪڻڪ جي پوکائي گھٽ ٿيڻ جو خدشو ظاھر ڪندي صوبائي کاتن کان پلان طلب ڪري ورتو آھي.
وڏي وزير مراد علي شاھہ جي صدارت ھيٺ زراعت ۽ خوراڪ کاتي ۽ گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل بابت ڌار ڌار اجلاس ٿيا.
زراعت ۽ خوراڪ کاتي بابت اجلاس دوران ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تہ پارٽي چيئرمين جي ھدايت آھي تہ فوڊ سڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي.
اجلاس ۾ خوراڪ بابت خاص مددگار جبار خان، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھہ ، ناڻي وارو سيڪريٽري فياض جتوئي، سيڪريٽري عبدالرحيم شيخ، سيڪريٽري زراعت ضامن ناريجو ۽ سيڪريٽري خوراڪ محمد بچل شريڪ ٿيا.
اجلاس ۾ آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ زراعت واري وزير محمد بخش مھر اجلاس ۾ وڊيو لنڪ وسيلي شرڪت ڪئي.
وڏي وزير مراد علي شاھہ چيو تہ سنڌ ۾ 12 لک 65 ھزار 380 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو اسٽاڪ موجود آھي، جڏھن تہ پاڪستان ۾ تقريبن 47 لک 16 ھزار 82 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ موجود آھي.
لڳي ٿو تہ ھن ڀيري ڪڻڪ جي اپت گھٽ ٿيندي
اجلاس دوران ڳالھائيندي وڏي وزير چيو تہ ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال کي ڏسندي لڳي ٿو 26-2025 ۾ ڪڻڪ جي اپت گھٽ ٿيڻ جو خدشو آھي، پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري فوڊ سڪيورٽي يقيني بڻائڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
مراد علي شاھ چيو تہ آئون چاھيان تہ آبادگارن جي مدد ڪئي وڃي جيئن ڪڻڪ جي پوکائي وڌ کان وڌ ڪري سگھجي، ڪڻڪ جي پيداوار وڌي تہ ٻاھرين ملڪن کان درآمد نہ ڪرڻي پوندي، سنڌ ۽ بلوچستان کي ماھوار 4 لک ٽن ڪڻڪ جي ضرورت آھي.
وڏي وزير چيو تہ 24-2023 ۾ سپورٽ پرائيس مقرر ٿيڻ سان صوبي ۾ 34 لک 10 ھزار 380 ايڪڙ ڪڻڪ جي پوکائي ٿي، سال 25-2024 ۾ سپورٽ پرائيس نہ ٿيڻ سبب 30 لک 86 ھزار 380 ايڪڙ ڪڻڪ جي پوکائي ٿي
مراد علي شاھ چيو تہ سنڌ ۾ گذريل سال 35 لک 42 ھزار 510 ٽن ڪڻڪ جي پوکائي ٿي آھي، ان حساب سان في ايڪڙ ڪڻڪ جي پيداوار 28-70 مڻ رھي، ڪڻڪ جي گھڻي اپت سان فوڊ سڪيورٽي يقيني ٿيندي، اسان کي ڪڻڪ جي پيداور وڌائڻ لاءِ آبادگارن جي مدد ڪرڻي پوندي.
خوراڪ ۽ زراعت کاتو، ناڻي کاتي سان اجلاس ڪري ڪڻڪ جي آبادگارن کي رعايتون ڏيڻ بابت پلان پيش ڪن.
گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل بابت اجلاس

وڏي وزير مراد علي شاھ جي صدارت ھيٺ گھوٽڪي ڪنڌڪوٽ پل منصوبي ۾ اڳڀرائي بابت اجلاس بہ ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار، علي حسن زرداري، خاص مددگار قاسم نويد، چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاھہ، آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي ڳالھائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاھہ چيو تہ گھوٽڪي-ڪنڌڪوٽ پل سنڌو درياھ تي سڀ کان وڏي پل ھوندي، جيڪو ملڪي معيشت، ترقي ۽ ٽريفڪ جي اعتبار سان عوام لاءِ ھڪ وڏو شاھڪار ھوندو.
وڏي وزير چيو ورڪس کاتو سنڌو درياھ تي گھوٽڪي –ڪنڌڪوٽ پل تعمير ڪري رھيو آھي، ڪنڌڪوٽ، گھوٽڪي پل جي تعمير سان سنڌ بلوچستان اچ وڃ بہ آسان ٿي ويندي، گھوٽڪي –ڪنڌڪوٽ پل جي ڊيگھ 12 ڏھائي 25 ڪلوميٽر آھي، گھوٽڪي ۽ ڪنڌڪوٽ کان پل تائين پھچڻ واري روڊ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آھي،
وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو تہ گھوٽڪي –ڪنڌڪوٽ پل سنڌو درياھ تي سڀ کان وڏي پل ھوندي، جاڙي واھ، گھوٽا فيڊر ۽ ٽبي مائنر تي 3 پل تعمير ٿي چڪا آھن.
وڏي وزير ھدايت ڪئي تہ ٻوڏ سبب رڪيل ڪم نومبر مھيني ۾ ٻوڏ جو پاڻي لھڻ بعد ٻيھر شروع ڪيو وڃي ۽ سڪيورٽي جو انتظام بہ يقيني بڻايو وڃي.