نيشنل پيپلزپارٽي جي سربراھ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آھي تہ آصف زرداري سان سندس ڪي بہ ذاتي اختلاف ناھن، کيس ڪيترائي ڀيرا پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جون آفرون ڏنيون ڏيون ويون، لڳي ٿو تہ ٻين ڀوتارن جيان اطاعت نہ ڪرڻ جي سزا ملي رھي آھي.
لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ ڪيس جي سلسلي ۾ پيشي دوران غلام مرتضيٰ جتوئي ڊبليو ٽي اين جي رپورٽر فراز شيخ سان ڳالھہ ٻولھہ ڪئي.
غلام مرتضيٰ جتوئي چيو تہ 2010 ۾ والد جي وفات کانپوءِ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آصف زرداري آڇون ڪيون، ھڪ وفاقي وزارت، 2 صوبائي وزارتون، 3 ايم اين ايز، 4 ايم پي ايز جون سيٽون ڏيڻ جي آفر ڏني وئي پر مون اِھي سڀ آڇون رد ڪيون، جيڪڏھن پ پ ۾ شامل ٿي وڃان ھا تہ ڪو مقابلو نہ رھي ھا، نظرياتي سياست تي يقين رکان ٿو.
آصف زرداري سان ذاتي نہ نظرياتي اختلاف آھن
اوھان خلاف مختلف علائقن ۾ ڪيس داخل ٿي رھيا آھن؟ اُنھن جو ڪارڻ ڪھڙو آھي؟ ڊبليو ٽي اين جي ھِن سوال تي مرتضيٰ جتوئي چيو تہ آصف زرداري سان سندس ذاتي اختلاف ناھي، آصف علي زرداري خلاف 1990 ۾ چونڊ وڙھيس ۽ ڪامياب ٿيس، 93 ۾ والد آصف زرداري کي شڪست ڏني، 2010 کانپوءِ ڪيترائي ڀيرا پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي، پر اھي آڇون رد ڪيون.
بينظير جي ھوندي پيپلز پارٽي ٺيڪ ھئي

ھن ٻڌايو تہ بينظير ڀٽو(شھيد) جي ھوندي پاڪستان پيپلز پارٽي دُرست ھئي، اُن جي شھادت کانپوءِ معاملا خراب ٿيا، ڪرپشن وڌي.
ھڪ سوال جي جواب ۾ غلام مرتضيٰ جتوئي چيو تہ سنڌ جي ٻين سردار، ڀوتارن ۽ نوابن اطاعت ڪئي آھي پر مون ڪڏھن بہ ڪنھن جي اطاعت ناھي ڪئي، لڳي ٿو تہ اطاعت نہ ڪرڻ جي سزا ملي رھي آھي.
ھن چيو تہ ڏوڪري ۽ باڊھ ۾ ھُن خلاف 2 ڪيس داخل آھن، جيڪي ھاڻي لاڙڪاڻي جي عدالت ڏانھن منتقل ٿيا آھن، سندس خلاف داخل سڀ ڪيس ڪوڙا آھن، اميد تہ سڀ ڪيس ختم ٿي ويندا.
سنڌ ۾ ڪرپشن سبب سمورا ادارا تباھ ٿيا
نيشنل پيپلزپارٽي جي سربراھ چيو تہ سنڌ ۾ ڪرپشن وڌي وئي آھي، سمورا ادارا تباھ ٿي ويا آھن، ھر ڪم پيسن تي ٿيندو آھي، ھتي ھڪ سسٽم ھلي رھيو آھي.

غلام مرتضيٰ جتوئي چيو تہ جيڪڏھن گرفتار ماڻھو کي ڇڏائڻو آھي تہ پيسا ورتا وڃن ھا، زمين جا مسئلا بہ پيسن ذريعي حل ٿين ٿا، ماضي ۾ وفاقي وزير رھيس ، اڳ بہ ڪرپشن ھوندي ھئي پر ھاڻي تہ سڀ حدون پار ٿي ويون آھن. ھن چيو تہ پوليس پئسن وٺي ڪيس ڪري ٿي، پئسن وٺي ماڻھن کي آزاد ڪري ٿي.
راشد محمود آڇ ڪئي پر قبول نہ ڪئي
غلام مرتضيٰ جتوئي چيو تہ مولانا راشد محمود سومرو کيس جي يو آءِ ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي، سندس ٿورائتو آھيان پر سندن نظريو الڳ آھي، جي يو آءِ وارا پنھنجن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي مالڪي ڪندا آھن، سندن گرفتاري تي ڪارڪن روڊن تي اچي ويندا آھن.
غلام مرتضيٰ جتوئي چيو تہ سندس برادري بہ ڪمزور ناھي، جيڪڏھن ھو پاڻ گرفتاري نہ ڏئي ھا تہ ڪير بہ کيس گرفتار نہ ڪري سگھي ھا پر ھن رتوڇاڻ ۽ ٽڪراءُ نہ پئي چاھيو، ھو ڪيسن کي قانوني طريقي سان منھن ڏئي رھيو آھي.