عورتن جي ”ٻچيداڻي“ واري ڪينسر خلاف وڏي جاڳرتا ۽ وئڪسين مھم ۽ سنڌ ۾ ٻين واقعن ۽ حادثن بابت خبرون پڙھو

فہرستِ مضامین

(ڊبليو ٽي اين ڊاٽ ڪام سنڌي/ ڪراچي- صدام ڪولاچي

ڊبليو ٽي اين سنڌي: سنڌ ۾ ٿيندڙ سرگرمين، واقعن، حادثن ۽ احتجاجن جا ھڪ ئي ھنڌ اپڊيٽس

سيٺارجا ۾ جھيڙو ۾ گولي لڳڻ سبب نوجوان زخمي

ڪاشف بلوچ/ سيٺارجا

سيٺارجا جي ڳوٺ فضل حسين ڪمبوھہ ۾ ڪمبوھہ برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، گولي لڳڻ سبب نظير ڪمبوھ زخمي ٿي پيو

سيٺارجا پوليس زخمي ٿيل نظير ڪمبوھ کي ليٽر جاري ڪري تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو،واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.

ڪنڊيارو مان 2 ڏينھن اڳ گم ٿي ويل نينگر جو لاش مليو

ڪنڊيارو: ڪنڊيارو جي ڪچي جي پپري واري علائقي مان 2 ڏينھن اڳ گم ٿي ويل نينگر جو لاش مليو آھي.

ڳوٺ دودو ڪلهوڙو واسي پورهيت علي رضا ڪلهوڙو جو پنجن سالن جو پٽ عبدالقادر سان واقعو پيش آيو، نينگر حياتي وڃائي ويٺو

علائقي واسين ۽ وارثن نينگر جو لاش ڪڍيو، اطلاع ملڻ تي مختيارڪار ڪنڊيارو وسيم لاشاري، اسسٽنٽ مختيار ڪار طارق ڪلهوڙو واقعي واري هنڌ پهتا.

مختيارڪار ڪنڊيارو وسيم لاشاري ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو تہ وارثن ٻڌايو ته سندن نينگر 2 ڏينهن اڳ گم ٿي ويو هو، اڄ صبح گهر ڀرسان درياھي پاڻي مان لاش مليو آھي.

ڊبليو ٽي اين جي رپورٽر عبدالحميد کوسو موجب، ڪوٽ غلام محمد لڳ ڊينگاڻ وٽ موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب نوجوان شاهد ميئو سخت زخمي ٿي پيو.

زخمي نوجوان کي سول اسپتال سامارو منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت خراب ٿيڻ سبب کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آھي.

ٺل لڳ نينگري واھہ ۾ ٻڏي فوت

ٺل: ڳوٺ فقير ھزار خان کوسو ۾ ٽن سالن جي نينگري بانو کوسو ڌيءَ محمد شريف کوسو گھر اڳيان راند ڪندي واھ ۾ ٻڏي وئي، ڳولا بعد نينگري کي بيھوشي واري حالت ۾ ڪڍي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ويجهي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو،  جتي ڊاڪٽرن سندس فوتگي  جي تصديق ڪئي۔

نينگري جو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، سندس امڙ کي بيھوشي جو دورا پئجي رھيا ھئا.

سڪرنڊ ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قومي شاھراھہ بلاڪ

سڪرنڊ: ذوالفقار ڪوري( سڪرنڊ ۾ ٻه مهينا اڳ قتل ٿيل نوجوان سليمان چانڊيو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن نيشنل ھاءِ وي تي ڌرڻو ھنيو، قومي شاهراهه بلاڪ ٿيڻ سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

مقتول جي والد نظير احمد چانڊيو ، محمد اقبال چانڊيو ، نويد چانڊيو، نادر چانڊيو، قاسم چانڊيو، يعقوب چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ احتجاج ڪيو ويو.

مظاھرين دانھيو تہ ٻه مهينا اڳ سليمان چانڊيو کي قتل ڪيو ويو ھو، ڪيس ۾ جوابدار قربان مري، جهنڊو مري، خير محمد مري، شاهنواز مري، فرحان مري نامزد آھن،  پوليس کين اڃا تائين گرفتار نہ ڪيو آھي.

مظاھرين دانھيو تہ اسان جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي، چونڊيل نمائندا اسان وٽ تعزيت لاءِ به نه پهتا آهن. قاتل گرفتار نه ڪيا ويا ته اسان جو رک ڪراچي پريس ڪلب ڏانهن  ھوندو.

ميرپور ماٿيلي ۾ شراب رکڻ جي الزام ۾ پوليس اھلڪار گرفتار

ميرپورماٿيلو: ميرپورماٿيلو پوليس شراب رکڻ جي الزام ۾ اهلڪار سجاد لنڊ کي گرفتار ڪري منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي.

پوليس موجب پوليس اھلڪار جي جاءِ تي ڪارروائي ڪئي وئي، جتان وڏي مقدار ۾ شراب جون بوتلون ھٿ اچڻ تي ٿاڻي تي اهلڪار مٿان ڪيس  داخل ڪيو ويو آهي.

ٽنڊو مير علي: دڪاندار تي نينگر سان زيادتي جو الزام

ٽنڊو مير علي: پيروسڻ اسٽاپ تي دڪان تي ڪم ڪندڙ 14 سالن جي معصوم نينگر جي وارثن الزام ھنيو تہ دڪاندار سندن نينگر کي بدفعلي جو نشانو بڻايو، جڏھن تہ الزام ھيٺ آيل دڪاندار ظهير ڊومڪي ترديد ڪئي آھي.

نينگر جي وارثن موجب دڪاندار معصوم ٻار سان بدفعلي ڪئي آهي، پوليس ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو، پر الزام ھيٺ آيل دڪاندار اڃا تائين گرفتار ناھي ٿيو.

پوليس جو موقف آھي تہ ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيو ويو آهي ، جاچ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

الزام ھيٺ آيل دڪاندار ڊبليو ٽي اين کي ٻڌايو تہ ھن اھڙو ڪڌو ڪم ناھي ڪيو، هي معاملو پئسا گهرڻ تان ٿيو آهي، جيڪڏهن جاچ ڪئي وڃي ته سچ سامهون اچي ويندو۔

مريد شاخ: ھاءِ اسڪول جي ھيڊ ماستر جا بااثر تي حملي جا الزام

مريدشاخ ويجهو گورنمينٽ بوائز هاءاسڪول  وريام ڪوش جي هيڊ ماستر محمد عارف شير  الزام ھنيو آھي تہ بااثر وڏيري  اسڪول جو رڪارڊ قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آھي، ھن الزام ھنيو تہ دودائي ڪوش مٿس حملو ڪيو، تدريسي عمل دوران حملي سبب ٻارڙن ۾ خوف پکڙجي ويو، ٻئي پاسي الزام ھيٺ آيل شخص سان رابطو ڪيو ويو پر موقف سامھون نہ اچي سگھيو.

پير بخش باگراڻي/ مويا

مويا شهر جي ڳوٺ شير محمد رند ۾ ڳوٺاڻن ٻڌايو تھ اسڪول جي عمارت هڪ سال گذرڻ باوجود مڪمل نه ٿي سگهي آهي. ٺيڪيدار عمارت ڊاھڻ بعد گم ٿي ويو آھي.

اسڪول جي عمارت نه هجڻ سبب ڳوٺ جا معصوم ٻارڙا سخت گرمي ۽ برسات ۾ کليل آسمان هيٺ بغير ڇت ۽ فرنيچر جي زمين تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. استادن ۽ والدين موجب کليل آسمان هيٺ پڙهائي ڪرڻ سبب ڪيترائي شاگرد بيمار ٿي رهيا آهن، جنهن سبب شاگردن جي غير حاضري وڌي وئي آهي.

ڳوٺاڻن جو مطالبو آهي ته حڪومت فوري طور اسڪول جي عمارت تعمير ڪرائي، جيئن سندن ٻارڙا محفوظ ۽ مناسب ماحول ۾ تعليم پرائي سگهن.

ٿر ۾ سروائيڪل کان بچاءَ جي وئڪيسن مھم شروع

مٺي: ٿر ۾ سروائيڪل ( عورتن ۾ ٻچي داڻي وارو ڪينسر) کان بچاءَ لاء مفت ايڇ پي وي وئڪسين جي شروعات ڪئي وئي، جيڪا 12 ڏينھن جاري ھندي ۽ مهم دوران ھڪ لک 30 هزار 392 نياڻين کي وئڪسين ڪئي ويندي.

وئڪسين مهم ۾ ضلعي جي 7 تعلقن مٺي، ڏيپلو،ڇاڇرو، ننگرپارڪر، ڏاهلي اسلام ڪوٽ ۽ ڪلوئي ۾ ڪم ڪنديون، تعلقي ليول تي مانيٽرنگ سپروائيزر به مقرر ڪيا ويا.

سروائيڪل ڪينسر جي وئڪسين 9 کان 14 سالن جي ٻارڙين کي لڳائي ويندي، صحت کاتي ٿرپارڪر پاران انتظام مڪمل ڪيا ويا، ٽيمون روانيون ڪيون ويون.

سروائيڪل بابت اسان ڇا ٿا ڄاڻون؟

عورتن ۾ رحم (uterus) جو هيٺيون حصو، جنهن کي “سروڪس” چون ٿا، ان ۾ ٿيندڙ ڪينسر کي سروائيڪل ڪينسر چيو وڃي ٿو، عام ٻولي ۾، ان کي “ٻچي داڻي جو ڪينسر” به سڏين ٿا..

جنسي زندگيءَ جي شروعات جلد ٿيڻ، ڪيترائي ڀيرا شادي يا پارٽنر بدلجڻ، سگريٽ نوشي ۽ گهٽ مدافعت (weak immunity) به ڪينسر ٿيڻ جو خطرو وڌائين ٿا..

علامتون: حيض کان علاوه غير معمولي رت اچڻ، جنسي عمل دوران يا پوءِ رت اچڻ، پيٽ هيٺيان سور يا دٻاءُ.، بدبودار يا غير معمولي رطوبت شامل آھي.

ڊبليو ايڇ او جي 2023 جي رپورٽ موجب هر سال دنيا ۾ لڳ ڀڳ 600,000 عورتون سروائيڪل ڪينسر ۾ مبتلا ٿين ٿيون،ان مان لڳ ڀڳ 340,000 عورتون فوت ٿين ٿيون، 90 سيڪڙو ڪيس گھٽ آمدني (غريب ملڪن) ۾ رپورٽ ٿين ٿا.

پاڪستان ۾ هر سال لڳ ڀڳ 5,000 کان وڌيڪ عورتون هن بيماري ۾ مبتلا ٿين ٿيون، ۽ لڳ ڀڳ 3,000 عورتون فوت ٿي وڃن ٿيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں