سمورن بئراجن جي صورتحال تي نظر آھي: شرجيل ميمڻ

فہرستِ مضامین

سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تہ سنڌ حڪومت جي سمورن بئراجن جي صورتحال تي نظر آھي، سنڌ حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ رليف جي سرگرمين ۾ مصروف آھي.

ھن چيو تہ 24 ڪلاڪن دوران 5 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن کي محفوظ ھنڌن تي منتقل ڪيو ويو، ھن وقت تائين ھڪ لک 63 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو محفوظ ھنڌ تي منتقل ٿي چڪا آھن.

سنڌ حڪومت ڏکئي وقت ۾ عوام کي اڪيلو نہ ڇڏيندي، پاڻي ھيٺ آيل علائقن مان ماڻھن کي پڪي طرف منتقل ڪرڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں