پنوعاقل جي ڪچي ۾ ٻوڏ متاثرن جي ٻيڙي ٻڏي وئي، علائقي واسين متاثرن کي پاڻي مان ڪڍي سندن جان بچائي ورتي آھي.
ڳوٺ سمون وٽ ٻيڙي حادثي جو شڪار ٿيڻ سبب علائقي واسين پنھنجي مدد پاڻ تحت ماڻھن کي ريسڪيو ڪري ورتو آھي.
ڪچي جي ڳوٺ سمون چاچڙ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب شھر طرف ايندڙ ماڻھو ٻڏي ويا، علائقي واسين پنھنجي مدد پاڻ تحت ٻڏي ويل ماڻھن کي ريسڪيو ڪري ورتو آھي .
علائقي واسين جو چوڻ آھي تہ شھر طرف بند تي ايندڙ ٻيڙي سامان ۽ ماڻھن سان ڀريل ھئڻ سبب حادثي جو شڪار ٿي.
گذريل ڏينھن ڪنڊيارو جي ڪمال ديرو ڀرسان ماهي جي ڀاڻ وٽ ٻوڏ متاثرن ۽ ترن سان ڀريل ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا ٻڏي ويا ھئا.
انتظاميا موجب ٻڏي ويل شخص تارو ھجڻ سبب پاڻي تري ڪناري تي پھتا.