پنجاب ۾تباھي مچائيندڙ ٻوڏ جي پاڻي جو سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو سلسلو جاري آھي، گڊو بئراج وٽ وڏي ٻوڏ ڊڪليئر ڪئي وئي آھي، گڊو بئراج وٽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 32 ھزار ڪيوسڪس پاڻي وھڪرن جو اضافو ٿيو آھي.
گڊو بئراج وٽ مٿانھون وھڪرو 5 لک 44 ھزار 658 ڪيوسڪس تائين پھچي ويو، ھيٺانھون وھڪرو 5 لک 14 ھزار 51 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
سکر بئراج وٽ بہ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 ھزار ڪيوسڪس جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، سکر بئراج وٽ مٿانھون وھڪرو 4 لک 72 ھزار 580 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 4 لک 22 ھزار 400 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آھي.
ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانھون وھڪرو 2 لک 62 ھزار 509 ۽ ھيٺانھون وھڪرو 2 لک 54 ھزار 354 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي، آبپاشي کاتي جو چوڻ آھي تہ سکر بئراج وٽ وچولي ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار آھي.
بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن جي واکاڻ

سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي آھي.
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تہ سنڌ حڪومت ٻوڏ جي خطري کي منھن ڏيڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪري ورتا، پاڻي وھڪرن جي مڪمل مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي.
جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري جو ويزن ٻوڏ متاثرن لاءِ ھڪ اميد آھي، ھو متاثرن کي پنھنجو سمجھي ٿو، سندس قيادت ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي تائين سک سان نہ ويھنداسين.
ٻوڏ متاثرن لاءِ وفاق پاران امداد جو اعلان نہ ٿيو
شرجيل ميمڻ چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرن بابت جيڪو موقف پيش ڪيو، اھو سندس عوام دوستي جو روشن مثال آھي، پ پ چيئرمين ھميشہ ڏکئي وقت ۾ عوام سان گڏ بيٺو آھي، اڄ بھ سندس ترجيح غريب، ھاري ۽ ٻوڏ متاثر خاندان آھن.
سينيئر وزير چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري جي مطالبي تي ماحولياتي ۽ زرعي ايمرجنسي لڳائڻ واري حڪومت جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، اھو پ پ چيئرمين جي ڏاھپ ۽ قيادت جو نتيجو آھي، ھن سڄي ملڪ جو ڌيان متاثرن طرف ڏياريو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ وفاقي حڪومت پاران ھيل تائين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت ٻوڏ متاثرن لاءِ ريليف پڪيج جو اعلان نہ ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آھي، وزيراعظم شھباز شريف بلاول ڀٽو زرداري کي ذاتي طور ان جي خاطري ڪرائي ھئي.
ھن چيو تہ گلگت، ڪي پي، پنجاب ۽ ڏکڻ پنجاب جو عوام رليف جو منتظر آھي، بلاول ڀٽو زرداري صحيح چيو ھو تہ گڏيل قومن جي پليٽ فارم ذريعي عالمي امداد جي اپيل ۾ دير قبولڻ جوڳي ناھي، پيپلزپارٽي ھر فورم تي عوام جو آواز بڻجندي.