سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديا جاويد چيو آھي تہ مخالفن کي صرف ڀٽو جي نالي سان تڪليف آهي، هر ڀٽو سان واسطو رکندڙ معاملي ۾ مخالفت ڳوليندا آهن.
سعديا جاويد پنھنجي بيان ۾ چيو تہ حافظ نعيم ڪوڙ ۽ نفرت کي ميئر ٿيڻ جي دوا سمجهي ويٺو آهي، اهي ماڻهو اڳ ۾ ئي ملڪ ۽ قائدِ اعظم جي مخالفت ڪندڙ هئا.
جن کي سنڌ پيپلز هائوسنگ جا گهر نظر نٿا اچن، انھن کي علاج جي ضرورت آهي، آمرن جي ڇانوَ ۾ پلجندڙ اڄ جهموريت جا دعويدار بڻجي رهيا آهن.
شاھراھ ڀٽو جي اڌ تعمير ٿيل حصي تي به سياست شروع ڪئي وئي، ڪراچي جي شھرين رد ڪيل ماڻهن لاءِ سڀ ڪجھ ناڪام نظر ايندو، متحده پاڪستان رڳو چائنا ڪٽنگ، زڪوات، قبضا ۽ غيرقانوني ڀرتيون چاھي ٿي.