اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پنھنجي ئي جج خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آھي، جسٽس طارق محمود جهانگيري تي مبينا طور قانون جي شڪي ڊگري رکڻ جو الزام آھي.
ايڊووڪيٽ ميان دائود اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آھي تہ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي مارڪ شيٽس تي مختلف انرولمينٽ نمبر آھن.
ڪراچي يونيورسٽي موجب هڪ شاگرد کي 2 انرولمينٽ نمبر ڏيڻ ناممڪن آهي، انرولمينٽ نمبر اَي آءِ ايل 5ھزار 968 /87 ٻئي شاگرد امتياز احمد کي الاٽ ٿيل ھو، ڪاليج جي پرنسپال موجب طارق محمود ولد قاضي محمد اڪرم ڪڏهن داخلا نه ورتي آھي .
درخواست گذار موقف اختيار ڪيو آھي تہ جسٽس جهانگيري تي مبينا طور قانون جي شڪي ڊگري آھي، ڪراچي يونيورسٽي ڪنٽرولر امتحان ڊگري ۽ مارڪ شيٽس غير معتبر قرار ڏني، غير معتبر ڊگري سان جج مقرر ٿيڻ شهري حقن جي ڀڃڪڙي آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي ئي جج خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آھي، چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻڌل بئنچ 16 سيپٽمبر تي ٻڌڻي ڪندو.
جسٽس طارق محمود جهانگيري اڳ سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي ايجنسين جي مداخلت بابت خط لکي چڪا آهن