پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان ايم آر ڊي تحريڪ جي 11 شھيدن کي ڀيٽا پيش

فہرستِ مضامین

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 1983 ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران شھيد ٿيل11 ڪارڪنن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آھي تہ جمهوريت جي شهيدن جو مقام تاريخ ۾ هميشه بي مثال ۽ نہ وسارڻ جوڳو رهندو.

موومينٽ فار دي ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي لاءِ مارشل لا خلاف جدوجھد ڪندي خيرپور ناٿن شاھ جي 11 جوانن پنھنجي جان قربان ڪري ڇڏي ھئي. 

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايم آر ڊي جي 11 شھيدن جي 42ھين ورسي جي موقعي پنھنجي پيغام ۾ کين ڀيٽا پيش ڪئي آھي.

چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو تہ شهيد عبدالغني ابڙو، شهيد عبدالعزيز لکير، شهيد نظام الدين نائچ،  شهيد عبدالنبي کوسو، شهيد ضمير حسين جاگيراڻي، شهيد اعجاز حسين کهڙو ۽ شهيد منظور احمد چانڊيو کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ايم آر ڊي جي تاريخي تحريڪ دوران آمريت جي خلاف اھي بهادر پارٽي ڪارڪن ثابت قدمي سان بيٺا رهيا.

خيرپور ناٿن شاهه جي انهن عظيم اڳواڻن جمهوريت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، ايم آر ڊي دوران پي پي جي قيادت ۽ ڪارڪنن جي همت ۽ رت پاڪستان ۾ جمهوريت جي راهه هموار ڪئي.

پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ ڪارڪنن جون قربانيون ايندڙ نسلن لاءِ هميشه اميد ۽ الهام جو باعث رهنديون، شهيدن جون قربانيون هميشه اسان کي ياد ڏيارينديون ته جمهوريت جي حفاظت ۽ مضبوطي اسان جو قومي فرض آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں