پنجاب تان ٻوڏ ٽارو نہ ڪيو، درياھن ۾ چاڙھ سبب وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا

فہرستِ مضامین

پنجاب تان ٻوڏ ٽارو نہ ڪيو، درياھن ۾ چاڙھھ سبب وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا آھن.

لوڌران ويجھو درياھ ستلج ۾ چاڙھ سبب عين واھڻ ۽ جھامبي واھڻ وارن علائقن جا حفاظتي بند ٽٽي پيا.

بند ٽٽڻ سبب پاڻي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو، جڏھن تہ 500 کان وڌيڪ ماڻھن کي ريسڪيو ڪيو ويو، ملتان جي تعلقي شجاع آباد ۾ بھ پاڻي جي دٻاءُ سبب سپر بند کي گھارو لڳو، جنھن سبب 3 پورھيت لڙھي ويا، ٻن کي بچايو ويو آھي.

گھاري سبب شجاع آباد جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا، ماڻھن کي ريسڪيو ڪرڻ وارو عمل جاري آھي، ضلعي انتظاميھ جو چوڻ آھي تہ بند کي گھارو لڳڻ سبب پاڻي آبادين ۾ داخل ٿي ويو آھي، ماڻھن کي ريسڪيو ڪيو پيو وڃي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں