اسلام آباد ( رپورٽ: فيصل جمن ڪنڀر ) قومي اسيمبلي جـِي اطلاعات ۽ نشريات بابت ڪميٽي سنڌي قوم خلاف توھين جوڳي ٻولي ڳالھائيندڙ سرڪاري ٽي وي جي اينڪر رضوان عرف رضي تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، ڪميٽي سفارش ڪئي آهي تہ اينڪر کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي ۽ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ سرڪاري براڊ ڪاسٽر جي اينڪرز لاءِ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ تيار ڪيو وڃي.
قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ڪميٽيءَ جو اجلاس اسلام آباد ۾ پاڪستان-چين فرينڊشپ سينٽر ۾ ايم اين اي پليان بلوچ جي صدارت ۾ ٿيو.
ڪميٽي سرڪاري ميڊيا جي اينڪر جي اهڙين ڳالهين تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پي ٽي وي جي انتظاميا طرفان کنيل قدم قومي هم آهنگي کي ٿيندڙ نقصان جو مناسب ازالو نٿو ڪري.
ڪميٽي سفارش ڪئي تہ اينڪر کان نقصان جو ازالو ورتو وڃي ۽ کيس سرڪاري ميڊيا تان بليڪ لسٽ ڪيو وڃي، ڪميٽي اهو بہ واضح ڪيو تہ جيڪي ماڻهو قومي خزاني مان معاوضو وٺن ٿا، انهن لاءِ ضابطہ ۽ اصول هجڻ لازمي آهن.
رضوان رضي سان معاھدو ختم ٿي چڪو آھي
اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته جيئن ئي اينڪر جي وِلاگ ۾ توھين آميز جملن جو نوٽيس ورتو ويو ته سندس معاهدو پهرين معطل ڪيو ويو ۽ پوءِ ختم ڪيو ويو.
سيڪريٽري چيو تہ ڪنهن کي بہ قومي اتحاد ۽ بين الصوبائي ڀائيچاري ۾ رنڊڪ وجهڻ جي همت نہ هئڻ گهرجي، هن ٻڌايو ته اينڪر نگران حڪومت جي دور ۾ ڀرتي ٿيو هو ۽ پي ٽي وي ۾ اينڪر لاءِ ڪراس پوسٽنگ تي ڪا پابندي نہ آھي.
رضوان رضي جي توھين جوڳي وڊيو
رضوان رحمان عرف رضي جي سوشل ميڊيا تي ھڪ وڊيو وائرل ٿي ھئي، جنھن ۾ ھو ڊيمن جو حوالو ڏيندي سنڌي قوم خلاف توھين جوڳي ٻولي استعمال ڪندي عجيب قسم جا اشارہ ڪري رھيو ھو، جنھن بعد مٿس سخت تنقيد ڪئي وئي ھئي.
اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ معاملي جو نوٽيس وٺندي اينڪر رضوان کي معطل ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون ھيون، جنھن بعد پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) انتظاميا سوشل ميڊيا تي شديد ڪاوڙ ۽ تنقيد جي اظهار کانپوءِ اينڪرپرسن رضوان رحمان عرف رضي کي معطل ڪري ڇڏيو ھو.
رضوان عرف رضي پنهنجي هڪ وي لاگ ۾ سنڌين کي” ڀولڙن سان ڀيٽيو هو“ ۽ چيو هو ته سنڌي سڄو ڏينهن سنڌو سنڌو ڪري ٽپا ڏيندا ٿا وتن.
سينيٽر ضمير گهمري سميت سوشل ميڊيا تي ڪيئي سڄاڻ ڌرين رضوان رضي جي اهڙي عمل جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو تعصب پکيڙي رهيو آهي، اُهو رياست جي اهم اداري ۾ ڪيئن ويهي ڪم ڪري سگهي ٿو، کيس پي ٽي وي تان هٽائڻ گهرجي.
سوشل ميڊيا تي اهڙي رد عمل کانپوءِ پي ٽي وي انتظاميا نوٽيس ورتو ۽ پنهنجي اينڪرپرسن رضوان رحمان رضي کي معطل ڪيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو ھو.
سنڌ جي ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار شاھ پڻ اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ کي خط لکي مطالبو ڪيو ھو تہ رضوان عرف رضي تي ڪنھن بھ ميڊيا تي ھميشہ لاءِ پابندي لاڳو ڪئي وڃي.