اسرائيل ۾ نئين حڪومت جي قيام لاءِ سياسي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن، جتي اڳوڻي آرمي چيف ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ گاڊي آئزنڪوٽ کي عرب سياسي پارٽين جي حمايت ملڻ کانپوءِ اقتدار جو سياسي منظرنامو تبديل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، جڏهن ته موجوده وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو کي پنهنجي پراڻن اتحادي پارٽين جي حمايت وڃائڻ سبب وڏو سياسي ڌڪ رسيو آهي.
رپورٽ موجب خميس ڏينهن اسرائيلي صدر آئزڪ هرزوگ سان سياسي پارٽين جي مشاورتي ملاقاتن دوران عرب پارٽين گاڊي آئزنڪوٽ جي حمايت جو اعلان ڪيو.
اسرائيل جي 120 رڪني پارليامينٽ ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ 61 ميمبرن جي حمايت ضروري آهي، جڏهن ته عرب پارٽين وٽ مجموعي طور 19 سيٽون آهن. انهن جي حمايت کانپوءِ اندازو لڳايو پيو وڃي ته گاڊي آئزنڪوٽ کي 67 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي سگهي ٿي، جيڪا حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل اڪثريت کان 6 سيٽون وڌيڪ آهي.
ٻئي طرف موجوده وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو لاءِ ڏکيائيون وڌي ويون آهن، ڇاڪاڻ ته سندس پراڻي اتحادي جماعت يونائيٽيڊ توراه جوڊازم (يو ٽي جي) جي هڪ ڌڙي به کيس حمايت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
خراب ۽ وڌيڪ خراب مان هڪ چونڊ
رپورٽ موجب عرب جماعت رام جي اڳواڻ منصور عباس خميس ڏينهن گاڊي آئزنڪوٽ جي حمايت جو اعلان ڪيو. سندس جماعت وٽ 8 پارلياماني سيٽون آهن.
ان موقعي تي منصور عباس ٻه رياستي حل ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزا منصوبي جي حمايت جو ورجاءُ ڪندي حماس سميت سمورين هٿياربند ۽ فوجي تنظيمن کي غير مسلح ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو.
رام جماعت ان کان اڳ به نفتالي بينيٽ جي اڳواڻي ۾ قائم حڪومت جي پارليامينٽ کان ٻاهر رهي حمايت ڪري چڪي آهي.
ٻي وڏي عرب سياسي جماعت جوائنٽ لسٽ، جنهن وٽ 11 سيٽون آهن، تنهن به گاڊي آئزنڪوٽ جي حمايت جو فيصلو ڪيو آهي.
جماعت پنهنجي فيصلي کي نيتن ياهو حڪومت کي اقتدار کان هٽائڻ لاءِ ٻن خراب متبادلن مان هڪ چونڊ قرار ڏنو آهي.
جوائنٽ لسٽ جي سربراهه يوسف جبارين چيو ته سندن فيصلي مان عرب ووٽرن جي تبديلي جي خواهش ظاهر ٿئي ٿي.
هن الزام لڳايو ته موجوده حڪومت دوران عرب شهرين کي نسل پرستي، امتيازي سلوڪ، ڏوهن ۽ سياسي توڙي سماجي محرومين جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو آهي.
يوسف جبارين موجب عرب برادري جي ماڻهن تبديلي جي اميد سان وڏي انگ ۾ ووٽ ڏنا، پر گاڊي آئزنڪوٽ سان ڪيترن ئي معاملن تي سندن اختلاف پڻ موجود آهن.
انهن اختلافن ۾ آئزنڪوٽ جو سياسي موقف ۽ چونڊ مهم دوران عرب شهرين خلاف مبينا اشتعال انگيز بيانن تي سندس سخت ردعمل ظاهر نه ڪرڻ شامل آهي.
ٻئي طرف سينيئر عرب پارلياماني ميمبر احمد طيبي چيو آهي ته جوائنٽ لسٽ ڪنهن اقليتي حڪومت کي پارليامينٽ کان ٻاهر رهي حمايت ڏئي سگهي ٿي ۽ ايوان ۾ اهڙو بلاڪ بڻجي سگهي ٿي، جيڪو حڪومت جي فيصلن تي اثرانداز ٿئي. تنهن هوندي به سندس جماعت اهڙي حڪومت ۾ شامل نه ٿيندي، جنهن جي جلد ختم ٿيڻ جو خدشو هجي.
نيتن ياهو جي پراڻي اتحادي جماعت به پري ٿي وئي
رپورٽ موجب وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي سياسي اتحاد وٽ 53 سيٽون آهن، پر کيس انهن سمورن ميمبرن جي حمايت ملڻ جا امڪان گهٽجي ويا آهن.
يونائيٽيڊ توراه جوڊازم جي 7 سيٽن مان 4 سيٽن جي نمائندگي ڪندڙ ڌڙي ڊيگل هاتوراه فيصلو ڪيو آهي ته هو ڪنهن به اميدوار جي حمايت نه ڪندو.
’دي ٽائمز آف اسرائيل‘ جي رپورٽ موجب انتهائي قدامت پسند مذهبي اڳواڻن به نيتن ياهو کان فاصلو اختيار ڪري ورتو آهي.
ان جو هڪ اهم سبب حريدي برادري جي مردن کي لازمي فوجي سروس کان ڇوٽ ڏيڻ وارو قانون منظور ڪرائڻ ۾ نيتن ياهو حڪومت جي ناڪامي ٻڌايو پيو وڃي.
هوڏانهن نيتن ياهو جي جماعت ليڪود مسلسل الزام لڳائيندي رهي آهي ته عرب پارٽين ٻاهرين حمايت ذريعي چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي، پر ان دعويٰ جي حق ۾ ڪو ٺوس ثبوت پيش نه ڪيو ويو آهي.
ليڪود طرفان چونڊن ۾ بي ضابطگين جا ڪجهه واقعا ضرور بيان ڪيا ويا، جن ۾ ووٽنگ شروع ٿيڻ کان اڳ ووٽرن کي رشوت ڏيڻ جي الزام هيٺ ٽن سياسي ڪارڪنن جي گرفتاري پڻ شامل آهي. انهن ڪارڪنن جا رام جماعت سان مبينا لاڳاپا هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، جڏهن ته جماعت اهڙي ڪنهن به لاڳاپي يا ملوث هجڻ جي ترديد ڪئي آهي.
گاڊي آئزنڪوٽ ڪير آهي؟
گاڊي آئزنڪوٽ اسرائيل جي شهر طبريه ۾ پيدا ٿيو. جيڪڏهن هو وزيراعظم بڻجي ٿو ته هو اسرائيل جو پهريون مزراحي يهودي وزيراعظم هوندو.
مزراحي يهودين جو تعلق وچ اوڀر ۽ اتر آفريڪا سان آهي، جڏهن ته اسرائيل جي لڳ ڀڳ اڌ آبادي هن برادري سان تعلق رکي ٿي.
گاڊي آئزنڪوٽ 1978ع ۾ لازمي فوجي سروس دوران اسرائيلي فوج جي گولاني برگيڊ ۾ شامل ٿي پنهنجي فوجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي.
1997ع ۾ هو ساڳئي برگيڊ جو ڪمانڊر مقرر ٿيو، جنهن کانپوءِ فوج ۾ ڪيترن ئي اهم عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين.
2015ع ۾ کيس اسرائيلي دفاعي فوج (آءِ ڊي ايف) جو چيف آف جنرل اسٽاف مقرر ڪيو ويو.
فوج مان رٽائرمينٽ کانپوءِ هن سياست ۾ قدم رکيو ۽ اسرائيلي پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو.
7 آڪٽوبر 2023ع تي حماس جي حملي کانپوءِ هو نيتن ياهو جي جنگي ڪابينا جو حصو پڻ بڻيو.
غزا جنگ ۾ پٽ ۽ ٻن ڀائٽين جي موت
رپورٽ موجب ڊسمبر 2023ع ۾ غزا ۾ جاري جنگ دوران گاڊي آئزنڪوٽ جو پٽ گيل آئزنڪوٽ مارجي ويو، جڏهن ته بعد ۾ هن ان تڪرار دوران پنهنجا ٻه ڀائٽيا پڻ وڃايا.
سيپٽمبر 2025ع ۾ هن پنهنجي اعتدال پسند سياسي جماعت ’ياشار‘ قائم ڪئي، جنهن جي عبراني ٻولي ۾ معنيٰ سڌو، سچو يا ايماندار آهي.
گاڊي آئزنڪوٽ واعدو ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو اسرائيل جو وزيراعظم بڻيو ته 18 مهينن اندر حماس جي فوجي ونگ ۽ ان جي قيادت کي ختم ڪرڻ واري پنهنجي هدف تي عمل ڪندو.