لائیو ڪراچي ۾ هٿياربندن جي جيولري رائيڊر کان 82 تولا سون ۽ 4 ڪلو چاندي ڦر

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ) ڪراچي جي طارق روڊ ڀرسان موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربند جوابدار جيولر جي ملازمن کان ڪروڙين رپين جو سون ۽ چاندي ڦري فرار ٿي ويا.

پوليس موجب واردات جو اطلاع ملڻ تي پوليس اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا، جتي شروعاتي جاچ دوران جيولر پوليس کي ٻڌايو ته سندس رائيڊر صدر مان 82 تولا سون ۽ 4 ڪلو چاندي کڻي طارق روڊ تي دڪان ڏانهن اچي رهيو هو.

بيان موجب رائيڊر جيئن ئي طارق روڊ تي الله والا چورنگي ڀرسان پهتو ته موٽرسائيڪلن تي سوار هٿياربندن سندس رستو روڪي ورتو ۽ سون ۽ چاندي ڦرڻ بعد فرار ٿي ويا.

پوليس موجب جيولر جا ملازم صدر مان شاپر ۾ سون ۽ چاندي کڻي اچي رهيا هئا، جڏهن ته جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ واقعي واري هنڌ تان سي سي ٽي وي فوٽيجز حاصل ڪيون پيون وڃن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں