لائیو سفارتي حل جي ڳولا، ايران علائقائي رابطا تيز ڪري ڇڏيا

فہرستِ مضامین

تهران (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ايران آمريڪا سان جاري ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ سفارتي حل ڳولڻ لاءِ علائقائي سطح تي رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن.

ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پاڪستان، ترڪيه ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفون تي رابطا ڪري خطي جي تازي صورتحال ۽ علائقائي استحڪام لاءِ جاري سفارتي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ايراني پرڏيهي وزارت موجب عباس عراقچي پاڪستاني هم منصب سان ڳالهه ٻولهه دوران خطي جي صورتحال ۽ غور هيٺ سفارتي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته ترڪيه ۽ ڪويت جي پرڏيهي وزيرن سان پڻ الڳ الڳ رابطا ڪيا ويا.

رپورٽن موجب انهن رابطن دوران خطي ۾ ٿيندڙ تازين اڳڀرائين ۽ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ سفارتي ڪوششن جو جائزو ورتو ويو، پر ڳالهين ۾ پيش ڪيل تجويزن يا ڪنهن نئين ٺاهه بابت تفصيل سامهون نه آيا آهن.

هي اڳڀرائي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي، جڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي ۽ سفارتي حل جا امڪان ڳوليا پيا وڃن.

ٻئي طرف روسي صدر ولاديمير پيوٽن پڻ ماسڪو ۾ ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري محسن رضائي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران رضائي ايراني اڳواڻ مجتبيٰ خامنه اي جو پيغام روسي صدر تائين پهچايو، پر پيغام جا تفصيل ظاهر نه ڪيا ويا.

رپورٽن موجب ايران هڪ ئي وقت علائقائي ۽ عالمي سطح تي سفارتي رابطا جاري رکيو پيو اچي، جڏهن ته انهن ڪوششن جا نتيجا اڃا واضح ناهن ٿيا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں