لائیو شادي دوران جنسي تشدد ۽ ازدواجي زندگي بابت عدالت جو اهم فيصلو

فہرستِ مضامین

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ شادي دوران جنسي تشدد ۽ ازدواجي زندگيءَ بابت الڳ قانونسازي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

عدالت پنهنجي لکت واري فيصلي ۾ چيو آهي ته شادي سبب ڪنهن به عورت جا آئيني حق ۽ انساني وقار گهٽ نٿا ٿين، جڏهن ته شادي ڪنهن به ساٿي کي ٻئي تي تشدد ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي.

فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جو آئيني اختيار آهي، عدالتون پارليامينٽ جي جاءِ تي پاڻ قانونسازي نٿيون ڪري سگهن.

عدالت موجب عورتن کي گهريلو تشدد ۽ ٻين قسمن جي تشدد کان تحفظ ڏيڻ لاءِ پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ اڳ ئي قانون موجود آهن، جڏهن ته اسيمبليون چاهين ته هن معاملي تي آئين موجب وڌيڪ قانونسازي ڪري سگهن ٿيون.

جسٽس اَبهَر گل خان وڪيل اريج سهيل جي درخواست رد ڪرڻ جو لکت وارو فيصلو جاري ڪيو.

درخواستگذار شادي دوران جنسي تشدد بابت الڳ قانون جوڙڻ جي استدعا ڪئي هئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں