واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي رياست مسيسپي ۾ سينيٽ جي هڪ سيٽ تي سخت مقابلو جاري آهي، جتي ڊيموڪريٽڪ اميدوار اسڪاٽ ڪولوم ۽ ريپبلڪن سينيٽر سنڊي هائيڊ سمٿ وچ ۾ ووٽن جو فرق هڪ هزار کان ڪجهه وڌيڪ رهجي ويو آهي.
رپورٽ موجب اسڪاٽ ڪولوم هن وقت ڊسٽرڪٽ اٽارني طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته هو ان کان اڳ پراسيڪيوٽر ۽ جج پڻ رهي چڪو آهي.
آمريڪي اڳوڻي صدر جو بائيڊن کيس اتر مسيسپي لاءِ وفاقي جج نامزد ڪيو هو، پر سينيٽ ۾ سندس نامزدگي سنڊي هائيڊ سمٿ روڪي ڇڏي هئي.
رپورٽ موجب اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن، اڳوڻي نائب صدر ڪملا هيرس ۽ سينيٽر رافيل وارنڪ پڻ ڪولوم جي چونڊ مهم ۾ حصو ورتو.
جيڪڏهن اسڪاٽ ڪولوم ڪامياب ٿي ويو ته هو لڳ ڀڳ 40 سالن کانپوءِ مسيسپي مان سينيٽ لاءِ چونڊجندڙ پهريون ڊيموڪريٽڪ اميدوار هوندو، جڏهن ته هو آمريڪي تاريخ جي تعميرِ نو واري دور کانپوءِ رياست جو پهريون ڪارو فام سينيٽر پڻ بڻجي سگهي ٿو.
آمريڪا جي مڊٽرم چونڊن ۾ ايوانِ نمائندگان ۽ سينيٽ جي موجوده صورتحال

واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا جي مڊٽرم چونڊن ۾ ايوانِ نمائندگان ۽ سينيٽ جي نتيجن موجب ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي برتري حاصل ٿي وئي آهي.
رپورٽ موجب ايوانِ نمائندگان جي 48 سيٽن جا نتيجا اچڻا باقي آهن، جڏهن ته ڊيموڪريٽس هينئر تائين 240 ۽ ريپبلڪن پارٽي 147 سيٽون حاصل ڪيون آهن.
ايوانِ نمائندگان ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ 218 سيٽون گهربل هونديون آهن.
ٻئي طرف آمريڪي سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽس 52 ۽ ريپبلڪن پارٽي 44 سيٽون حاصل ڪيون آهن.
هينئر تائين جي نتيجن موجب ڊيموڪريٽڪ پارٽي سينيٽ ۾ به اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي، باقي رهيل ٻن سيٽن جا نتيجا ڪهڙا به اچن.