چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2026ع بابت لاھور هاءِ ڪورٽ جو اهم فيصلو

فہرستِ مضامین

لاهور هاءِ ڪورٽ چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2026ع بابت اهم فيصلو جاري ڪندي قانون جي ماضي کان اطلاق کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ناري ڪرن شاهين کي پنهنجي مرضي موجب جتي چاهي اتي رهڻ جي آزادي ڏئي ڇڏي آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس خالد ابن عزيز سيشن ڪورٽ خوشاب جو 20 مئي 2026ع وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2026ع جو نفاذ 11 مئي تي ٿيو، جڏهن ته لاڳاپيل نڪاح 18 اپريل 2026ع تي ٿيو هو. تنهن ڪري نئين قانون جو اطلاق قانون لاڳو ٿيڻ کان اڳ ٿيل شادي تي نٿو ڪري سگهجي.

فيصلي موجب، ڪنهن به نئين قانون کي ماضي کان لاڳو ڪري ڪنهن شخص خلاف ڪارروائي جو بنياد نٿو بڻائي سگهجي. ناري کي نئين قانون تحت نابالغ قرار ڏئي دارالامان منتقل ڪرڻ به قانوني طور درست نه هو.

سيشن ڪورٽ خوشاب ڪرن شاهين کي 16 سالن کان گهٽ عمر قرار ڏئي دارالامان موڪلڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن خلاف فوجداري نظرثاني درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي دوران ٻڌايو ويو ته ڪرن شاهين مجسٽريٽ آڏو پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته هن پنهنجي آزاد مرضي سان شادي ڪئي آهي، کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو ۽ هوءَ پنهنجي پيءُ بدران مڙس سان گڏ رهڻ چاهي ٿي.

عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ضابطه فوجداري جي قلم 552 تحت ڪارروائي لاءِ اغوا ۽ 16 سالن کان گهٽ عمر هجڻ جا قانوني شرط پورا ٿيڻ ضروري آهن. جيڪڏهن مبينا مغوي ناري عدالت ۾ پنهنجي عمر بابت لڳايل الزام جي ترديد ڪري ٿي ته قلم 552 تحت ڪارروائي جاري نٿي رکي سگهجي.

جسٽس خالد ابن عزيز قرار ڏنو ته قلم 552 عدالت کي ڪنهن ناري کي غيرمعينه مدي تائين دارالامان ۾ رکڻ جو اختيار نٿو ڏئي، جڏهن ته ناري کي سندس مرضي خلاف دارالامان ۾ رکڻ قانوني گهرجن جي ابتڙ هو.

عدالت شير باز ۽ صفينه خاتون جي فوجداري نظرثاني درخواست منظور ڪندي سيشن ڪورٽ خوشاب جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ڪرن شاهين جي والد احمد شير جي آئيني درخواست رد ڪري ڇڏي.

عدالت ڪرن شاهين کي پنهنجي مرضي موجب جتي چاهي اتي رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں