واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته پينٽاگون آمريڪي فوج کي ايران خلاف وڏي پيماني تي فوجي ڪارروايون ٻيهر شروع ڪرڻ جي امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي تياريون مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
آمريڪي خبر رساں اداري ايگزيئوس موجب، پينٽاگون وچ اوڀر ۾ وڌيڪ فوجي وسيلا ۽ جنگي سامان موڪلڻ جون تياريون پڻ ڪري رهيو آهي.
رپورٽ ۾ آمريڪي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته فوج کي امڪاني آپريشن لاءِ تيار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ان جو مطلب اهو ناهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران خلاف ٻيهر جنگ شروع ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي.
رپورٽ موجب، جيڪڏهن فوجي ڪارروايون ٻيهر شروع ٿيون ته انهن ۾ وڏي پيماني تي فضائي حملا پڻ شامل ٿي سگهن ٿا. امڪاني هدفن ۾ ايران جون جوهري تنصيبات، توانائي جا مرڪز ۽ اهم بنيادي ڍانچا شامل ٿي سگهن ٿا.
ايگزيئوس موجب، اهڙي ڪنهن به فوجي ڪارروائي ۾ اسرائيلي فوج جي شرڪت جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي، تنهن هوندي به آمريڪي قيادت طرفان نئين فوجي آپريشن جو باضابطا اعلان ناهي ڪيو ويو.
آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار هجڻ سان گڏ سفارتي رابطن ذريعي تڪرار جي حل لاءِ ڪوششون پڻ جاري آهن، جڏهن ته آمريڪي فوجي تيارين سبب خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جا خدشا پيدا ٿي ويا آهن.