وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم کي ڪھڙا تحفا مليا؟ توشه خانہ جا تفصيل پڌرا

فہرستِ مضامین

ڪابينا ڊويزن آڪٽوبر 2026ع دوران توشه خانه ۾ جمع ڪرايل تحفن جو رڪارڊ جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ٻين سرڪاري شخصيتن کي مختلف ملڪن طرفان قيمتي تحفا ڏنا ويا.

جاري ڪيل دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي ٽي سيٽ، تسبيح، ٿانون جو سيٽ، مالديپ جي ٻيڙي جو ماڊل، ٽيبل ڪلاڪ ۽ ٻيا تحفا مليا.

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار کي ڪرسٽل ٽي ڪپ سيٽ، هولي سي ميڊل، بحرين جي روايتي سامونڊي جهاز جو ماڊل ۽ هڪ گهڙي تحفي ۾ ڏني وئي.

دستاويزن موجب، چين ۾ پاڪستان جي سفير خالد هاشمي کي ٻه قيمتي موبائل فون، جڏهن ته وزيراعظم جي ننهن کي مالديپ جو روايتي لباس تحفي ۾ ڏنو ويو.

ڪابينا ڊويزن موجب، آڪٽوبر 2026ع دوران وصول ڪيل سمورا تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرايا ويا آهن.

واضح رهي ته حڪومت 1997ع کان سيپٽمبر 2026ع تائين توشه خانه جو رڪارڊ اڳ ئي عوام لاءِ جاري ڪري چڪي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں