اسان جي شڪست جو سبب جنگ آھي، ڇا جي ڊي وينس صدارتي چونڊن جي تياري ڪري رھيو آھي؟

فہرستِ مضامین

آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس پنهنجي جماعت ريپبلڪن پارٽي کي وچ مدتي چونڊن ۾ شڪست جو ذميوار سڌي ريت ايران سان جاري جنگ کي قرار ڏئي واشنگٽن جي سياسي حلقن ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، سياسي مبصرن جي خيال ۾ جي ڊي وينس جو اهو بيان 2028ع جي صدارتي چونڊن کان اڳ صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان پنهنجي الڳ سياسي سڃاڻپ ٺاهڻ جي ڪوشش ٿي سگهي ٿو.

رپورٽن مطابق، واشنگٽن جي سياسي حلقن ۾ اڳ ئي اها ڳالهه موجود هئي ته جي ڊي وينس ايران سان جنگ بابت تحفظات رکي ٿو. جيتوڻيڪ هو عوامي سطح تي جنگ جي حمايت ڪندو رهيو آهي، پر اطلاعن موجب نجي ملاقاتن دوران انتظاميا جي ڪجهه عملدارن آڏو جنگ واري پاليسي سان اختلاف پڻ ظاهر ڪري چڪو آهي.

جي ڊي وينس سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي لڳ ڀڳ 600 لفظن تي ٻڌل بيان جاري ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪو اهو موقف اختيار ڪرڻ چاهي ٿو ته هن جنگ جي قيمت طور ايندڙ ڇهن سالن لاءِ سينيٽ کان محروم ٿيڻ قبول آهي ته ڀلي ائين ڪري، گهٽ ۾ گهٽ اهو هڪ ايماندار موقف هوندو.

آمريڪي سياسي تاريخ ۾ اهڙا مثال گهٽ ملن ٿا، جڏهن ڪو موجوده نائب صدر پرڏيهي پاليسي جي اهم معاملي تي صدر سان ايترو کليل اختلاف ڪري.

ٻئي طرف صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو ته وچ مدتي چونڊن جي نتيجن تي ايران سان جنگ جو وڏو اثر پيو، جڏهن ته هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن کيس ٻيهر ساڳيو فيصلو ڪرڻو پوي ته هو وري به جنگ وارو رستو اختيار ڪندو.

سياسي مبصرن موجب، ٽرمپ جو ردعمل ان ڳالهه جو شروعاتي اشارو ٿي سگهي ٿو ته هو جي ڊي وينس کي 2028ع جي امڪاني صدارتي مهم لاءِ پنهنجي سياسي سڃاڻپ ٺاهڻ جي وڌيڪ آزادي ڏئي سگهي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں