ايران سان جنگ ۾ گهٽتائي يا خاتمي جي اميد، تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ لاٿ

فہرستِ مضامین

ايران سان جاري جنگ ۾ گهٽتائي يا ممڪن خاتمي بابت اميدن سبب عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جون قيمتون وڌيڪ گهٽجي ويون آهن، جنهن کانپوءِ تيل جون قيمتون ٻن مهينن جي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويون آهن.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، خميس ڏينهن ايشيائي واپار دوران برينٽ خام تيل جي قيمت ۾ 0.9 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت 93 ڊالر 74 سينٽ في بيرل ٿي وئي.

اهڙي طرح آمريڪي خام تيل جي قيمت ۾ لڳ ڀڳ 1.5 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ قيمت 86 ڊالر 83 سينٽ في بيرل تي اچي وئي.

رپورٽن موجب، ان کان هڪ ڏينهن اڳ اربع تي به عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون 8 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽجي ويون هيون.

آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي بيان کانپوءِ به تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي. هن چيو هو ته جنگ سبب ٻارڻ جي قيمتن ۾ ٿيل واڌ ريپبلڪن پارٽي جي چونڊن ۾ شڪستن جو هڪ سبب بڻي.

ماهرن موجب، ايران سان جنگ ۾ شدت گهٽجڻ يا جنگ ختم ٿيڻ جي اميدن سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي فراهمي بابت خدشا گهٽجڻ جو تاثر پيدا ٿيو آهي، جنهن جو اثر تيل جي قيمتن تي پئجي رهيو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں