ٽيڪساس(انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا جي رياست ٽيڪساس ۾ 3 نومبر تي ٿيل چونڊن ۾ ڊيموڪريٽ اميدوار جينا هينوخوسا، ٽن ڀيرا ريپبلڪن گورنر رهندڙ گريگ ايبٽ کي شڪست ڏئي 1995ع کان جاري ريپبلڪن اقتدار جو خاتمو آڻي ڇڏيو.
گريگ ايبٽ شڪست تسليم ڪري ورتي آهي، جڏهن ته جينا هينوخوسا ٽيڪساس جي پهرين لاطيني نسل سان تعلق رکندڙ عورت گورنر بڻجندي. آمريڪي سينيٽ جي نشست تي ڊيموڪريٽ اميدوار جيمز ٽيلاريڪو جي ڪاميابي پڻ سياسي تبديلي کي غيرمعمولي بڻائي ڇڏيو آهي.
چونڊن کانپوءِ هاڻي سوال اٿي رهيو آهي ته ڇا ايبٽ جي دور ۾ ڪيل سرڪاري فيصلن ۽ اربين ڊالرن جي معاهدن جي نئين سر جاچ ٿيندي؟
آمريڪي تنظيم پبلڪ سٽيزن جي سيپٽمبر 2025ع جي رپورٽ موجب، 2020ع کان 2024ع دوران گريگ ايبٽ جي چونڊ مهم کي چندو ڏيندڙ ادارن ۽ انهن سان لاڳاپيل ماڻهن کي تقريبن 950 ملين ڊالرن جا 89 سرڪاري معاهدا مقابلي واري بولي کانسواءِ ڏنا ويا. جڏهن ته انهن عطيو ڏيندڙن طرفان مجموعي طور لڳ ڀڳ 2.9 ملين ڊالر چندو ڏنو ويو هو.
اهي معاهدا ڪورونا وبا، سرحدي تحفظ ۽ قدرتي آفتن دوران هنگامي اختيارن تحت ڏنا ويا. انهن مان گوٿمز ايل ايل سي کي تقريبن 640 ملين ڊالرن جا معاهدا مليا، جڏهن ته ڪمپني جي باني بعد ۾ ايبٽ جي چونڊ مهم کي 6 لک ڊالر چندو ڏنو.
ايلون مسڪ جي ڪمپنين سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ نظرون کتل آهن. نومبر 2025ع ۾ ٽيڪساس ٽربيون ۽ پروپبليڪا جي گڏيل تحقيق موجب، گورنر آفيس ۽ مسڪ جي ڪمپنين وچ ۾ خط و ڪتابت جا لڳ ڀڳ 1400 صفحا جاري ڪيا ويا، پر انهن جو وڏو حصو ڪارو ڪري لڪايو ويو هو.
جينا هينوخوسا پنهنجي چونڊ مهم دوران ڊيٽا سينٽرن جي تعمير عارضي طور روڪڻ ۽ وڏين ڪمپنين کي ڏنل ٽيڪس رعايتن تي نظرثاني ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو هو.
ٻئي طرف مسلمان برادري جي نظر ڊيلاس ڀرسان ايسٽ پلينو اسلامڪ سينٽر سان لاڳاپيل رهائشي منصوبي ايپڪ سٽي (هاڻوڪو دي ميڊو) تي پڻ آهي، جنهن خلاف گريگ ايبٽ جي انتظاميا ۽ اٽارني جنرل ڪين پيڪسٽن جي دور ۾ ڪيترائيچڪاس ۽ قانوني قدم کنيا ويا هئا.
آڪٽوبر 2026ع ۾ ٽيڪساس منتھلي جي هڪ رپورٽ ۾ اهو سوال اٿاريو ويو ته ڇا گورنر جي صلاحڪارن انهن ڪاررواين تي اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي؟ جڏهن ته ايبٽ انتظاميا پنهنجي قدمن کي رياستي قانونن تي عملدرآمد جو حصو قرار ڏيندي رهي آهي.
قانوني ماهرن موجب، نئين گورنر سرڪاري آڊٽ ۽ رڪارڊ جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿي، پر ٺوس ثبوتن کانسواءِ ڪنهن اڳوڻي گورنر يا چندو ڏيندڙ خلاف فوجداري ڪارروائي ممڪن ناهي. ان کان علاوه وڏين سڌارن لاءِ هينوخوسا کي رياستي اسيمبلي جي حمايت پڻ حاصل ڪرڻي پوندي.
ٽيڪساس ۾ اقتدار ته تبديل ٿي ويو آهي، پر اصل سوال اهو آهي ته جنوري 2027ع کانپوءِ ڇا اهي فائلون به کوليون وينديون، جن ۾ طاقت، سياست ۽ اربين ڊالرن جي ڪاروباري مفادن جا تفصيل موجود آهن؟