ساهيوال (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايف آءِ اي فيصل آباد پرڏيهه ۾ نوڪري ڏيارڻ جو آسرو ڏئي شهري کان 10 لک رپيا وصول ڪندڙ ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ساهيوال ۾ ڪارروائي ڪندي ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو.
ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدارن شهري کي پرڏيهه ۾ نوڪري ڏيارڻ جو واعدو ڪري 10 لک رپيا ورتا هئا، پر نه کيس نوڪري ڏياري وئي ۽ نه ئي رقم واپس ڪئي وئي.
ايف آءِ اي ٽنهي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.