آمريڪي سياست ۾ تاريخي تبديلي، جارجيا جي پهرين ڪاري نسل جي عورت گورنر چونڊجي وئي

فہرستِ مضامین

ائٽلانٽا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڊيموڪريٽ اميدوار ڪيشا لانس باٽمز آمريڪي رياست جارجيا جي گورنر چونڊ کٽي تاريخ رقم ڪري ڇڏي، هوءَ آمريڪا جي ڪنهن به رياست جي پهرين ڪاري نسل جي عورت گورنر هوندي، جڏهن ته جارجيا جي پهرين عورت گورنر بڻجڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪندي.

رائٽرز موجب ائٽلانٽا جي اڳوڻي ميئر ڪيشا لانس باٽمز ريپبلڪن اميدوار ۽ واپاري شخصيت رِڪ جيڪسن کي شڪست ڏني.

56 ورهين جي ڪيشا باٽمز موجوده ريپبلڪن گورنر برائن ڪيمپ جي جاءِ تي عهدو سنڀاليندي. هوءَ ان کان اڳ ائٽلانٽا جي ميئر رهي چڪي آهي، جڏهن ته اڳوڻي آمريڪي صدر جو بائيڊن جي سينيئر صلاحڪار ۽ وائيٽ هائوس ۾ عوامي رابطن واري شعبي جي ڊائريڪٽر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪي آهي.

ڪيشا باٽمز جي ڪاميابي سان جارجيا ۾ گورنر جي عهدي تي ريپبلڪن پارٽي جي ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي واري حڪمراني ختم ٿي وئي آهي.

ٻئي طرف فلوريڊا ۾ ريپبلڪن اميدوار بائرن ڊونلڊز پڻ گورنر چونڊجي ويو آهي، هو آمريڪا جي تاريخ جو پهريون ڪاري نسل جو ريپبلڪن گورنر هوندو.

ان کانسواءِ آمريڪي علائقي يو ايس ورجن آئلينڊز ۾ اسٽيسي پلاسڪٽ گورنر چونڊجي وئي آهي، جيڪا پڻ ڪنهن آمريڪي انتظامي علائقي جي پهرين ڪاري نسل جي عورت گورنر بڻجي آهي.

آمريڪي ميڊيا موجب انهن ڪاميابين کي آمريڪي سياست ۾ ڪاري نسل جي عورتن جي نمائندگي جي حوالي سان اهم سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں