آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مڊٽرم چونڊن جي نتيجن کي قبول ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جڏهن ته هن ايران جنگ کي چونڊن ۾ پوئتي رهڻ جو هڪ سبب قرار ڏنو آهي.
آمريڪا ۾ مڊٽرم چونڊن جي نتيجن اچڻ جو سلسلو جاري آهي، شروعاتي نتيجن موجب ڊيموڪريٽ اميدوارن کي برتري حاصل آهي، جڏهن ته ريپبلڪن اميدوار پوئتي آهن.
نتيجن تي ردعمل ڏيندي ٽرمپ چيو ته هو چونڊن جا نتيجا قبول ڪندو. سندس چوڻ هو ته هو بيلٽ تي موجود نه هو، جيڪڏهن پاڻ چونڊن ۾ حصو وٺي ها ته وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪري ها.
ٽرمپ چيو ته هو ڊيموڪريٽس سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ٻنهي پارٽين وچ ۾ ڪجهه معاملن تي اتفاق ٿي سگهي ٿو. هن اميگريشن جي معاملي تي به ڊيموڪريٽس سان سهڪار ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو، پر چيو ته غير مناسب تجويزون پيش ٿيڻ تي انهن کي ويٽو ڪندو.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته سندس ڪابينا ۾ تبديلي ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي.
شروعاتي نتيجن موجب 435 رڪني ايوان نمائندگان ۾ ڊيموڪريٽس کي 190 ۽ ريپبلڪنز کي 110 سيٽن تي برتري حاصل آهي، جڏهن ته ايوان جو ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ 218 سيٽون گهربل آهن.
ٻئي طرف سينيٽ ۾ ڊيموڪريٽس کي 51 ۽ ريپبلڪنز کي 39 سيٽن تي برتري حاصل ٿيڻ جا اطلاع آهن.
آمريڪي ڪانگريس ۾ ڊيموڪريٽس جي امڪاني اڪثريت ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ مشڪلاتون ڪيئن وڌائي سگهي ٿي؟

آمريڪا جي وچ مدتي چونڊن جي شروعاتي نتيجن ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي حمايت ۾ واڌ جا اشارا سامهون اچڻ کانپوءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ لاءِ ايندڙ ٻن سالن دوران سياسي مشڪلاتون وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن ڊيموڪريٽس ايوانِ نمائندگان ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا ته ٽرمپ انتظاميا کي قانونسازي، حڪومتي پاليسين ۽ مختلف سياسي فيصلن تي سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
بي بي سي جي رپورٽ موجب، هن وقت تائين اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته ڊيموڪريٽس ايوانِ نمائندگان ۾ ڪيتري وڏي اڪثريت حاصل ڪري سگهندا. چونڊن جي نتيجن ۾ اهم سوال اهو هوندو ته ڇا ڊيموڪريٽس کي ريپبلڪن پارٽي وانگر معمولي اڪثريت ملندي يا هو واضح برتري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊيموڪريٽس لاءِ ايوانِ نمائندگان ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ سينيٽ جي ڀيٽ ۾ نسبتاً آسان سمجهيو پئي ويو. ان ڪري ايوانِ نمائندگان ۾ ڪاميابي کي سينيٽ ۾ به اڪثريت حاصل ڪرڻ جي پڪ طور نه ٿو ڏسي سگهجي.
ٻئي طرف چونڊن جا شروعاتي نتيجا سڄي ملڪ ۾ ڊيموڪريٽس جي وڌندڙ مقبوليت جي نشاندهي ڪن ٿا. چونڊن کان اڳ مختلف سروي رپورٽن ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي حمايت ۾ اضافي جا جيڪي اشارا ڏنا ويا هئا، شروعاتي نتيجا به انهن رجحانن سان ملندڙ جلندڙ نظر اچي رهيا آهن.
ڊيموڪريٽس جي اڪثريت سان ٽرمپ لاءِ ڪهڙيون مشڪلاتون پيدا ٿي سگهن ٿيون؟
جيڪڏهن ڊيموڪريٽس ايوانِ نمائندگان جو ڪنٽرول حاصل ڪري وٺن ٿا ته کين صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا جي ڪارڪردگي ۽ فيصلن بابت مختلف جاچون شروع ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو.
ڊيموڪريٽس ٽرمپ ۽ سندس خاندان جي وائيٽ هائوس ۾ واپسي کانپوءِ ٿيندڙ مالي سرگرمين جي جاچ ڪري سگهن ٿا. ان کانسواءِ ايران سان جنگ شروع ڪرڻ جهڙن تڪراري فيصلن جو به جائزو وٺڻ جو امڪان آهي.
رپورٽ موجب، ڊيموڪريٽس صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ٽيون ڀيرو مواخذي جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري سگهن ٿا، پر اهو به ممڪن آهي ته سندن وڌيڪ ڌيان ٽرمپ انتظاميا جي ڪجهه وزيرن ۽ اهم عهديدارن ڏانهن هجي.
ايندڙ ٻن سالن ۾ آمريڪي سياست تي اثر
ايوانِ نمائندگان ۾ ڊيموڪريٽس جي اڪثريت صدر ٽرمپ جي سياسي ايجنڊا ۽ حڪومتي منصوبن لاءِ وڏو چئلينج بڻجي سگهي ٿي. مخالف ڌر کي ايوان ۾ وڌيڪ اختيار ملڻ سان ٽرمپ انتظاميا جي فيصلن تي نگراني، جاچ ۽ سياسي مخالفت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو.
اهڙي صورتحال ۾ ايندڙ ٻن سالن دوران وائيٽ هائوس ۽ ڊيموڪريٽڪ پارٽي وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌڻ جو امڪان آهي، جنهن جا اثر آمريڪا جي اندروني سياست سان گڏ حڪومت جي اهم پاليسين تي به پئجي سگهن ٿا.
ڏکڻ ڪيرولائنا ۾ ڊيموڪريٽس جي اميد کان وڌيڪ ڪاميابي، ڊونلڊ ٽرمپ کي سياسي ڌڪ

آمريڪا جي رياست ڏکڻ ڪيرولائنا ۾ ڊيموڪريٽڪ اميدوار ايني اينڊريوز جي سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي کي ڊيموڪريٽس لاءِ غير متوقع سياسي فتح قرار ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته ان نتيجي کي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ريپبلڪن پارٽي لاءِ سياسي ڌڪ پڻ سمجهيو پيو وڃي.
بي بي سي جي رپورٽ موجب، ڏکڻ ڪيرولائنا ۾ ڊيموڪريٽ اميدوار جي ڪاميابي ووٽرن ۾ ريپبلڪن پارٽي ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف وڌندڙ ناراضگي جو اظهار ڪري ٿي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪجهه هفتا اڳ تائين ڏکڻ ڪيرولائنا جهڙي مضبوط ريپبلڪن رياست ۾ ڊيموڪريٽ اميدوار جي سينيٽ ۾ ڪاميابي جو تصور به نه پئي ڪيو ويو. هن رياست مان ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي دوران ڪو به ڊيموڪريٽ آمريڪي سينيٽر چونڊجي نه سگهيو هو.
ايني اينڊريوز جي ڪاميابي ٽرمپ لاءِ پڻ سياسي ڌڪ قرار ڏني پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته ڊونلڊ ٽرمپ سندس مخالف اميدوار سينيٽر ڊارلين گراهم جي حمايت ڪئي هئي.
ڊارلين گراهم کي هن سال سندس ڀاءُ سينيٽر لنڊسي گراهم جي وفات کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ تي مقرر ڪيو ويو هو.
رپورٽ موجب، ڏکڻ ڪيرولائنا ۾ ڊيموڪريٽس جي اها ڪاميابي هڪ ٻيو اشارو آهي ته آمريڪا جي وچ مدتي چونڊن جي اها رات ڊيموڪريٽڪ پارٽي لاءِ غير معمولي سياسي ڪاميابيءَ واري ثابت ٿي سگهي ٿي.
مشي گن ۾ ڊيموڪريٽس پُراميد، عبدالصمد السعيد جي ڪاميابي جا امڪان وڌي ويا

آمريڪا جي رياست مشي گن ۾ وچ مدتي چونڊن دوران ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار عبدالصمد السعيد جي ڪاميابي بابت پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۾ اميد وڌي وئي آهي، جڏهن ته ڊيٽرائيٽ ۾ قائم ڊيموڪريٽس جي چونڊ مرڪز تي جشن جون تياريون پڻ جاري آهن.
بي بي سي جي رپورٽ موجب، ڊيٽرائيٽ ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي چونڊ مرڪز تي اسٽيج تيار ڪيو ويو آهي، جتي ڊي جي موسيقي هلائي رهيو آهي ۽ پارٽي ڪارڪنن ۾ جوش ۽ جذبو ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بي بي سي سان ڳالهائيندڙ ڊيموڪريٽس ڪجهه ڏينهن اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پُراميد نظر اچي رهيا آهن.
ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سياسي صلاحڪار ايڊريان هيمنڊ جو چوڻ آهي ته عبدالصمد السعيد جي ڪاميابي جا امڪان وڌيڪ آهن ۽ سندس خيال ۾ چونڊن جي اها رات پارٽي لاءِ سٺي ثابت ٿي سگهي ٿي.
ايڊريان هيمنڊ موجب، پارٽي جي اها اميد رڳو چونڊن کان اڳ ڪرايل سروي تي ٻڌل ناهي، پر ووٽرن جي ٽرن آئوٽ جا موجوده رجحان پڻ ان اعتماد جو سبب آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ڊيموڪريٽس جي حمايت وارن علائقن ۾ ووٽ وجهڻ لاءِ ڊگهيون قطارون ڏٺيون ويون آهن، جڏهن ته اڳواٽ ووٽنگ جا انگ اکر پڻ جاگرافيائي لحاظ کان ڊيموڪريٽس جي برتري ظاهر ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته ريپبلڪن پارٽي لاءِ ووٽن جي ان فرق کي پورو ڪرڻ آسان نه هوندو.
مقابلو اڃا به سخت قرار
ٻئي طرف بي بي سي جي آمريڪي ساٿي اداري سي بي ايس پنهنجي تازي چونڊ تجزيي ۾ مشي گن جي مقابلي کي اڃا تائين سخت ۽ ويجهو مقابلو قرار ڏنو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته حتمي نتيجي بابت اڃا ڪا پڪ سان اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي.
ڪرس پاپاس آمريڪي سينيٽ جو پهريون هم جنس پرست مرد ميمبر بڻجي سگهي ٿو

آمريڪا جي رياست نيو هيمپشائر مان ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار ڪرس پاپاس جي سينيٽ جي سيٽ کٽڻ بابت اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ڪاميابي جي صورت ۾ هو آمريڪي سينيٽ لاءِ چونڊجندڙ پهريون اهڙو مرد ميمبر بڻجي ويندو، جنهن کلي عام پنهنجي هم جنس پرست هجڻ جو اظهار ڪيو هجي.
بي بي سي جي رپورٽ موجب، ڪرس پاپاس جنوري ۾ حلف کڻڻ کانپوءِ آمريڪي سينيٽ جي تاريخ ۾ هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪري سگهي ٿو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 2013ع ۾ رياست وسڪونسن مان چونڊيل سينيٽر ٽيمي بالڊون آمريڪي سينيٽ جي پهرين اهڙي شخصيت بڻجي هئي، جنهن کلي عام پنهنجي هم جنس پرست هجڻ جو اظهار ڪيو هو.
ڪرس پاپاس پنهنجي حمايتين کي خطاب ڪندي چيو ته هو نيو هيمپشائر جي عوام جي حقن لاءِ ڀرپور نموني آواز اٿارڻ ۽ سندن نمائندگي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ڪرس پاپاس جي امڪاني ڪاميابي کي آمريڪي سينيٽ جي تاريخ ۾ نمائندگي جي حوالي سان هڪ اهم اڳڀرائي طور ڏٺو پيو وڃي.
لوزيانا جي سينيٽ سيٽ تي سخت مقابلو، چونڊ نتيجا غير يقيني بڻجي ويا
آمريڪا جي رياست لوزيانا ۾ سينيٽ جي سيٽ لاءِ ڊيموڪريٽس ۽ ريپبلڪنز وچ ۾ سخت مقابلو جاري آهي، جڏهن ته چونڊن بابت اڳڪٿين ۾ به تبديلي ڪئي وئي آهي.
سي بي ايس نيوز پنهنجي تازي چونڊ تجزيي ۾ لوزيانا جي سينيٽ واري مقابلي کي سخت ۽ ويجهو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب، لوزيانا ماضي ۾ مسلسل ريپبلڪن پارٽي جي حق ۾ ووٽ ڏيندي رهي آهي، پر هن ڀيري مقابلي جي غير يقيني صورتحال ڊيموڪريٽڪ پارٽي لاءِ هڪ حوصلا افزا اشارو سمجهي پئي وڃي.
چونڊ تجزيي ۾ تبديلي کانپوءِ لوزيانا جي سينيٽ واري سيٽ تي ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ مقابلو وڌيڪ اهم بڻجي ويو آهي، جڏهن ته حتمي نتيجن جو انتظار جاري آهي.