ڊفينس ۾ هٿياربندن جي ڏاڍ مڙسي، شهرين کي هراسان ڪرڻ واري وڊيو وائرل، گهرو وزير جو نوٽيس!

فہرستِ مضامین

ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ ڪار سوار نوجوانن پاران هٿيارن جي زور تي شهرين کي هراسان ڪرڻ ۽ مٿن ٺٺوليون ڪرڻ جي مبينا وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سنڌ جي گهرو وزير نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. واقعي جي جاچ ۽ وڊيو ۾ نظر ايندڙ نوجوانن جي سڃاڻپ ڪري فوري ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪار ۾ سوار ڪجهه ماڻهو هٿيارن جي زور تي رستي تان گذرندڙ شهرين کي ڊيڄاري ۽ هراسان ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ساڻن ٺٺوليون پڻ ڪري رهيا آهن.

واقعي جو نوٽيس وٺندي سنڌ جي گهرو وزير ڊي آءِ جي سائوٿ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. گهرو وزير هدايت ڪئي آهي ته وڊيو ۾ نظر ايندڙ نوجوانن جي سڃاڻپ ڪري سندن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي.

گهرو وزير مبينا وڊيو جي صداقت ۽ واقعي جي اصل حقيقتن جي مڪمل جاچ ڪرڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي.

سنڌ جي گهرو وزير جو چوڻ آهي ته هٿيارن ذريعي شهرين کي خوفزده ۽ هراسان ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں