لائیو برطانيا ۾ سائبر حملن جو خطرو، شهرين کي ٽن ڏينهن جو کاڌو ۽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي هدايت

فہرستِ مضامین

برطانيا ۾ وڌندڙ سائبر حملن ۽ هنگامي حالتن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي شهرين کي گهرن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڏينهن لاءِ کاڌو، پاڻي ۽ ٻيون ضروري شيون ذخيرو ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي. برطانوي وزير دفاع جو چوڻ آهي ته جديد سائبر حملن سبب روزمره جون ضروري خدمتون ۽ سامان جي فراهمي متاثر ٿي سگهي ٿي، تنهنڪري عوام کي اڳواٽ تياري ڪرڻ گهرجي.

برطانوي وزير دفاع ويس اسٽريٽنگ شهرين تي زور ڏنو آهي ته اهي ممڪن هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي تيارين جو جائزو وٺن. سندس چوڻ آهي ته گهرن ۽ ڪاروباري ادارن کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته جيڪڏهن ضروري خدمتون عارضي طور بند ٿي وڃن ته ان صورتحال ۾ ڪيئن منهن ڏجي.

برطانوي نشرياتي اداري ايل بي سي موجب، وزير دفاع جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي، جڏهن سافٽ ويئر ۾ سنگين سيڪيورٽي خامي سبب برطانيا جون 32 سرڪاري آن لائن خدمتون عارضي طور بند ڪرڻيون پيون. رپورٽ موجب سائبر ڏوهارين ان خامي مان فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته عالمي سطح تي ان مسئلي جو حل ڳولڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن.

ويس اسٽريٽنگ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سپر مارڪيٽن ۾ ادائيگيءَ جا نظام بند ٿي وڃن يا دشمن رياستن ۽ دهشتگردن جي ڪاررواين سبب ضروري شين جي فراهمي متاثر ٿئي ته شهرين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.

هن واضح ڪيو ته ماڻهن کي هنگامي حالتن لاءِ تيار رهڻ جي ترغيب ڏيڻ جو مقصد خوف پکيڙڻ نه، پر شهرين کي باخبر رکڻ ۽ امڪاني بحران دوران گهٻراهٽ کان بچائڻ آهي.

برطانيا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ملي بينڊ پڻ شهرين کي ضروري شيون ذخيرو ڪرڻ جي صلاح جي حمايت ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته برطانيا جي بنيادي ڍانچي کي روزانو مختلف قسمن جي خطرن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، تنهنڪري انهن خطرن کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ ضروري آهي.

ٻئي پاسي، برطانوي فوج جي سربراهه جنرل سر رولي واڪر گذريل هفتي خبردار ڪيو هو ته مستقبل ۾ ملڪ کي دفاعي خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. هن شهرين تي زور ڏنو هو ته اهي قومي دفاع لاءِ ممڪن قربانين بابت بحث لاءِ پڻ تيار رهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں