لائیو لسٻيلي ۾ خوفناڪ ٽريفڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي

فہرستِ مضامین

بلوچستان جي ضلعي لسٻيلي ۾ اوٿل زيرو پوائنٽ وٽ مسافر ويگن ۽ ڪوچ وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا فوت ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن. حادثي سبب علائقي ۾ ڏک ۽ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته فوتين ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

رپورٽن موجب حادثو ويگن ۽ مسافر ڪوچ وچ ۾ ٽڪر سبب پيش آيو. حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ 8 مرد ۽ 3 عورتون شامل آهن.

حادثي جو شڪار ٿيل مسافر ڪوچ گوادر کان ڪراچي وڃي رهي هئي، جنهن دوران اوٿل زيرو پوائنٽ وٽ حادثو پيش آيو.

حادثي کانپوءِ فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. واقعي بابت وڌيڪ تفصيل سامهون اچڻا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں