لائیو تائيوان ۾ طاقتور طوفان جو قهر، هڪ ڄڻو فوت، 171 زخمي، تعليمي ادارا  ۽ آفيسون بند

فہرستِ مضامین

تائيوان ۾ طاقتور سامونڊي طوفان چيمپي سبب تيز هوائن، شديد برساتن ۽ سمنڊ جي بلند لهرن صورتحال خراب ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته هڪ ڄڻو لهرن ۾ لڙهي فوت ۽ 171 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. طوفان جي خطري سبب هزارين ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تائيوان سميت اوڀر ايشيا ۾ سوين اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن.

تائيوان جي اختيارين موجب طوفان جي شدت سبب ڪيترن ئي علائقن ۾ تعليمي ادارا ۽ سرڪاري توڙي خانگي آفيسون بند ڪيون ويون آهن. شديد موسم سبب تائيوان جي اسٽاڪ ايڪسچينج پڻ بند رهي.

موسميات کاتي خبردار ڪيو آهي ته تائيوان جي اتر اوڀر وارن علائقن ۾ ڇنڇر تائين 90 سينٽي ميٽرن تائين برسات پوڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته تيز هوائون پڻ هلنديون. اختيارين ماڻهن کي سامونڊي ڪنارن ۽ جبلن وارن علائقن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.

رپورٽن موجب جمعي جي منجهند طوفان جي هوائن جي رفتار 191 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات جي ماهرن موجب چيمپي هن سال دنيا جي طاقتور ترين طوفانن مان هڪ قرار ڏنو ويو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته طوفان تائيوان جي اتر اوڀر ۽ جاپان جي ڏاکڻين ٻيٽن اوڪيناوا جي ويجهو گذرڻ کان پوءِ چين جي اوڀر واري سامونڊي علائقي ڏانهن وڌي سگهي ٿو، جنهن کان پوءِ ان جو رخ جاپان جي مکيه ٻيٽ ڏانهن ٿيڻ جو امڪان آهي.

تائيوان، هانگ ڪانگ ۽ جاپان جي موسميات کاتن جي اڳڪٿي موجب طوفان جو مرڪز تائيوان سان سڌي ٽڪر کانسواءِ گذري سگهي ٿو، پر ماهرن جو چوڻ آهي ته طوفان جي رفتار گهٽجڻ يا رخ تبديل ٿيڻ جي صورت ۾ خطري کي مڪمل طور رد نٿو ڪري سگهجي.

ٻئي پاسي جاپان جي ڏاکڻي صوبي اوڪيناوا ۾ لڳ ڀڳ 8 هزار 400 گهرن جي بجلي بند ٿيڻ جون خبرون آهن، جڏهن ته جاپان جي چئن فضائي ڪمپنين جون 160 کان وڌيڪ اڏامون پڻ منسوخ ڪيون ويون آهن.

موسميات جي ماهرن موجب بحرالڪاهل ۾ سپر ايل نينو سبب سامونڊي پاڻيءَ جي گرمي پد ۾ واڌ طوفانن جي شدت وڌڻ جو هڪ ممڪن سبب آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں