دالبندين (مانيٽرنگ ڊيسڪ) بلوچستان جي شهر دالبندين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب شهرين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو ڪلمي جو ورد ڪندا گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.
زلزلي پيما مرڪز موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.1 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جو مرڪز دالبندين کان 15 ڪلوميٽر اوڀر طرف ۽ گهرائي 53 ڪلوميٽر هئي.
رپورٽن موجب، زلزلي سبب هن وقت تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آهن.