لائیو ست سال اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو دربدر، خيرپور پوليس کان تحفظ ۽ انصاف جي اپيل

فہرستِ مضامین

صدرجي ڀٽيون (رپورٽ: زاهد اڄڻ): صدرجي ڀٽيون ڀرسان ڳوٺ ننگرخان چانڊيو ۾ ست سال اڳ پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪندڙ جوڙي مبينا طور جان جو خطرو ظاهر ڪندي دربدر واري زندگي گذارڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. جوڙي ايس ايس پي خيرپور کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انصاف جي اپيل ڪئي آهي.

ان موقعي تي ستاران چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هن ست سال اڳ پنهنجي رضامنديءَ سان ارباب علي چانڊيو سان شادي ڪئي هئي ۽ هوءَ پنهنجي مڙس سان خوش آهي، پر سندس الزام آهي ته سندس ڀائر مجاهد علي چانڊيو، واجد علي چانڊيو، بشير احمد چانڊيو ۽ چاچو ستار چانڊيو کيس مبينا طور پنج لک رپين عيوض وڪرو ڪرڻ چاهين ٿا.

ستاران چانڊيو وڌيڪ چيو ته سندس نڪاح هوندي ٻي شادي ڪرائڻ ذريعي کيس پنج لک رپين ۾ وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب هوءَ پنهنجي جان بچائي مڙس وٽ پهتي آهي.

هن خدشو ظاهر ڪيو ته جيڪڏهن کيس يا سندس مڙس کي ڪو نقصان پهتو ته ان جا ذميوار ڄاڻايل ماڻهو هوندا.

جوڙي ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي، مبينا طور ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ کين تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں